الوداع آڪاش……!!

0
68
الوداع آڪاش......!!

“خواب، خوشبوءِ ۽ خوبصورتي” ھڪ اھڙو ٽيڙو ھوندو آھي، جنهن طرف شاعر جو من پاڳل پنڇيءَ وانگر اڏامندو آھي. جڏھن ان سفر ۾ اھو پرندو ڪنهن شڪاريءَ جي نشانيءَ تي اچي خون ٿي وڃي ته ان جي افسوس ۾ رات جا ستارا به ماڪ ڦڙن جا لڙڪ لاڙيندا آھن.

                 شاعر معصوم ٻارن ۽ حسين عورتن وانگر امن جا فطري حامي ھوندا آھن. جيتوڻيڪ حياتي حادثن جي ھنج  ۾ پرورش پائيندي آھي پر ھڪ آس ھوندي آھي، ھڪ اميد ھوندي آھي ته اھا ڪنهن به بري واقعي کان ائين بچي، جيئن گلاب جو گل ڪنڊن جي وچ ۾ ھوندي به محفوظ مھڪ جو محور ٿي مرڪندو آھي.

                 اھو شاعر جنهن سموري زندگي امن ۽ پيار جا گيت لکيا ھجن. جنهن جو لفظ لفظ شبنم جو قطرو ھجي، جنهن جي سِٽن ۾ سرن جي سرسراھٽ وارن ۾ ڦرندڙ آڱرين جي ڇھاءَ جھڙي ھجي. اھو شاعر جنهن کي ماءُ جي مھڪ ۽ ٻار جي ٽھڪ واري زندگي پسند ھجي، ان شاعر کي جڏھن ھڪ اداس صبح جو پھرين قتل ڪيو وڃي ۽ پوءِ وارادت کي لئه مٽي ڪرڻ لاءِ کيس ساڙي رک ڪرڻ لاءِ جلايو وڃي، تڏھن ھن ڪائنات ۾ موجود شاعريءَ جا شعوري پھلو ڪيترو نه تڙپيا ھوندا!؟

اھو صبح به ڪجھ اھڙو ھو. اھو صبح جڏھن سج ڪرڻن جو واڳون پڪڙي آسمان تي اڀري آيو ھو ۽ صبح جي ھير ۾ موسم جي تبديليءَ جو ھلڪو ھلڪو سرور ۽ سڳنڌ ھو. ان وقت ھڪ شاعر کي زندگيءَ کان محروم ڪرڻ لاءِ ان مٿان ڇرين جا وار ٿي ڪيا ويا. ھن جو پنهنجو گھر ھڪ عقوبت خاني ۾ تبديل ٿي ويو ھو. ھو جڏھن آخري ساھ کڻي رھيو ھو، تڏھن ھو ڪجھ ته سوچيندو ھوندو. ڪنهن کي ته سڏيو ھوندو. ڪنهن کي ته ساريو ھوندو ھن ان مھل، جڏھن ھن جي ساھ جي ڪچي تند ٽٽڻ واري ھوندي!

پر ھوائن، حوالن ۽ افواھن واري شھر جا روڊ رستا گاڏين جي شور سان سٿيل ھئا. ٻار اسڪول طرف وڃي چڪا ھئا. آفيسن ۾ پٽيوالا آفيسرن لاءِ چانهن ڪاڙھڻ ۾ مصروف ھئا. اسپتالن ۾ نرسون مريضن کي مسڪراھٽ سان اميدن جي طرف متوجھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيون ھيون. بند پيل بازارن جي دڪانن جا تالا تڪليف سان کلي زندگيءَ جو ڪاروبار شروع ڪرڻ وارا ھئا. عورتون سبزي وٺڻ جون سوچي رھيون ھيون ۽ ھاڪر ھر ڏينهن گھٽ وڪامندڙ اخبارن لاءِ ھوڪا ھڻي رھيا ھئا. ڊرائيور ننڍيون وڏيون گاڏيون ھنر سان ھلائي مسافرن کي منزلن تي پھچائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا ۽ ٺيڪ ان وقت حساس انسان بدترين اذيت جي احساس سان ھن ظالم دنيا کي ڇڏي رھيو ھو. اھا دنيا جيڪا ھن صرف شعرن ذريعي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي ھئي پر ھو عملي طور تي سالن جا سال انقلاب خاطر جستجو ڪندو رھيو. انڊرگرائونڊ ميٽنگون منعقد ڪرڻ کان وٺي وڏن جلسن ۾ جذباتي تقريرون ڪرڻ تائين ھن ڇا ڇا نه ڪيو ھو؟ پر اھا دنيا نه صرف مثبت انداز سان مٽجڻ کان نابري واري ويٺي پر ان دنيا ھن کي پاڻ مان ڪڍي اڇلائڻ جي لاءِ ڪاتيءَ کي استعمال ڪيو. جڏھن ته ڪاتيءَ جو ڪو ڏوھ نه ھوندو آھي. لطيف لکيو آھي:

“ڪاتي ڪونهي ڏوھ، ڳن وڍيندڙ ھٿ ۾“

اھا ڪاتي جيڪا اسان جي معصوم ۽ محبتي شاعر جي وجود کي وڍي رھي ھئي، اھا ڪنهن جي ھٿ ۾ ھئي؟ ان سوال جو جواب اسان کي معلوم آھي پر ميڊيا قانوني حدبندين سبب اڪثر ڄاڻي سڃاڻي بلڪه سڀ ڪجھ سمجھندي به ماٺ رھڻ لاءِ مجبور ھوندي آھي. اھا الڳ ڳالھ ته تخليقي ۽ تحقيقي ميڊيا ماٺ رھندي به ڪجھ مبهم اشارا ڪري، ڪجھ نه چوندي به گھڻو ڪجھ چئي ويندي آھي.

آڪاش انصاريءَ جي ڪيس ۾ ڪجھ اھڙو معاملو آھي. اھو آڪاش جيڪو نه ٻالڪ پڻي ۾ ته معصوم ٻار ھو ئي ھو پر جوانيءَ ۾ به ھن مان ٻالڪ پڻي جي معصوم جھلڪ ايندي ھئي. ۽ جڏھن عمر ھن سان ٺڳي ڪندي ھن کان سون جھڙي جواني ڦري ھن جا وار چاندي ڪندي وئي، تڏھن نه ٻڍائپ واري سفر ۾ به اھو معصوم ٻاروتڻ ھن جو ھٿ ڇڏائي نه ھليو ويو. ھن جي پيريءَ واري پيشانيءَ ۾ به ھڪ ٻار جو پيار نظر ايندو ھو. بلڪل ائين جيئن ھڪ شاعر لکيو آھي:

“مون کي ڄڻيو محبت

محبت کي مون ڄڻيو آ“

آڪاش محبت مان جنم وٺندڙ جيءُ ھو ۽ ھن سموري زندگي محبت کي جنم ڏنو. ھن جي شاعري ھن جي محبت جو اظھار ھئي. ھو موسيقيءَ سان به ان ڪري محبت ڪندو ھو، ڇو ته موسيقي محبت جي زبان ھوندي آھي. ھو ادب جي آغوش ۾ به ان ڪري سمايو رھيو جو ادب محبت جي آرسي آھي. ان محبت ڪندڙ معصوم اديب، شاعر ۽ آرٽسٽ جو ايترو ڀيانڪ قتل تاريخ جو تمام وڏو دلخراش واقعو آھي.

“افسوس” ھڪ ننڍو ۽ محدود لفظ آھي. آڪاش جو قتل ھڪ تمام وڏو الميو آھي. ھڪ اھڙو الميو، جيڪو پنهنجي وسعت ۾ لامحدود ھجي. ھن کي معلوم ھو ته ھو جڏھن به ھيءَ دنيا ڇڏي ويندو ته ديس واسين جا ڇپر ڇلڪي پوندا پر اھو پتو ته آڪاش کي به نه ھو ته ھن جو موت سنڌ جي جند کي جھوري ڇڏيندو ۽ سنڌ پنهنجي شاعر جي قتل تي ھڪ اجتماعي صدمي ۾ ھلي ويندي. ھڪ شاعر جو موت قوم کي مغموم ڪري ويندو آھي. پر جڏھن اھو شاعر تمام گھڻي بيرحميءَ سان تڙپائي تڙپائي قتل ڪيو وڃي ۽ قتل ڪرڻ کان پوءِ به ھن جي سرير کي ساڙيو وڃي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو ڀيانڪ منظر سوچي سگھجي ٿو؟

آڪاش ته انسان نما پوپٽ ھو. ھن جو جسم انسانن جھڙو پر ھن جو روح پوپٽن مثل ھو. ھن جو پورو جيون اڏار ۾ گذريو. ھن جي جيون ڪٿا سفر تي مشتمل ھئي ۽ ھڪ پوپٽ جي اڏار صرف گلن تائين محدود نه ھوندي آھي. ھن جي سفر دوران ھن جي راھ ۽ رستي ۾ صرف گل ڦل نه ايندا آھن پر ھو ڪڏھن ڪڏھن ڪنڊن مٿان به وسرام ڪندو آھي. ھن جي سفر دوران سدائين ماڪ ڦڙن جي مھڪار نه ھوندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھن جا پر تيز برسات ۾ ايترو ته پسي پوندا آھن جو ھن جي لاءِ اڏامڻ مشڪل ٿي پوندو آھي. ۽ صرف جھڙڦڙ ڇو؟ ڪڏھن جڏھن گرم لڪون لڳنديون آھن ۽ جڏھن ھو جھولن ۾ جلڻ لڳندو آھي، تڏھن ھن جي تڪليف کي ڪير به ڏسي پسي ۽ محسوس نه ڪري سگھندو آھي. ھڪ پوپٽ ڪڏھن پريس ڪانفرنس نه ڪندو آھي. ھو نه چوندو آھي ته ٻارن جا شرير ھٿ ھن کي موت وارو مھٽو ڏيندا آھن ۽ ھو ھڪ ٻار جي تريءَ تي ڪجھ رنگ ڇڏي ھن دنيا مان ايئن ھليو ويندو آھي، جيئن ھو ھن دنيا ۾ ڪڏھن آيو ئي ڪو نه ھو!

اياز لکيو آھي:

“پنهنجي گھر مان ايئن وئين

جيئن ڪوئي مھمان

تنهنجا چار ڪتاب ئي

تنهنجو نانءُ نشان

ڇا ماڻھوءَ جو مان؟

اک ٻوٽي جڳ ٻوٽيو!“

ھر شاعر ۽ اديب جي جيون جو انت ڪجھ اھڙو ھوندو ئي آھي. اديب، شاعر يا ڪنهن ڪلاڪار کي به پنهنجو اھو گھر جنهن ۾ ھو ميزباني ڪندي عمر گذاريندو آھي، ھن کي به اھو گھر ھڪ ڏينهن مھمان وانگر ڇڏڻو ئي پوندو آھي. پر اھا ته تمام تلخ ٽريجڊي آھي جو ڪنهن شخص لاءِ ھن جو مسڪن مقتل بڻجي وڃي. آڪاش لاءِ پنهنجو گھر مقتل بڻجي ويو. مقتل به اھو جنهن ۾ ھڪ بيقصور انسان کي پھرين ته تمام گھڻو ٽارچر ڪيو وڃي ۽ پوءِ ھن کي موت جي آغوش ۾ اماڻي، اڃان معاف نه ڪجي، پوءِ ھن کي جلايو وڃي.

وطن ۾ جلاوطن ھجڻ واري حساس ڪيفيت کي شاعريءَ جي شڪل ڏيندڙ آرٽسٽ جو اھڙو انجام معاشري جي تباھيءَ جو چٽو ثبوت آھي. ھونءَ ته اھڙا واقعا سموري دنيا ۾ ٿيا آھن ۽ ٿين ٿا. پر ھڪ شاعر سان اھڙو واقعو ٿيڻ وڏي اذيت واري ڪٿا کي جنم ڏئي ٿو. محبت جي موٽ ۾ جڏھن معصوم انسان ايتري شديد نفرت جو شڪار ٿين جو انهن کي شعلن ۾ جلائي ساڙيو وڃي ته پوءِ ان سماج ۾ پيار ۽ اعتبار جو ڪھڙو درجو مقرر ٿي سگھي ٿو؟ ھر انسان، پوءِ اھو عام ھجي يا خاص ھجي، ان قسم جي انجام جو تصور ڪري به ڪنبي ويندو پر جڏھن اھڙي واقعي ۾ وڍجي ويل فرد ھڪ فنڪار ۽ ھڪ آرٽسٽ ھجي ته پوءِ تلخيءَ جو مقدار ماپي کان به وڌي وڃي ٿو.

مرزا غالب جو مشھور غزل آھي:

“ھر ايڪ بات په ڪھتي ھو تم تو ڪيا ھي

تمھين ڪھو ڪه يه اندازِ گفتگو ڪيا ھي“

ھونءَ ته اھو پورو غزل نيارو ۽ پيارو آھي پر ان غزل جو ھڪ شعر آھي:

“جلا ھي جسم جھان، دل ڀي جل گيا ھوگا

ڪريدتي ھو جو اب راک جستجو ڪيا ھي“

اھو غزل ۽ ان غزل جو اھو شعر آڪاش کي تمام گھڻو پسند ھو. پر ھن کي پتو نه ھو ته ھڪ ڏينهن مرزا غالب جو اھو شعر ھن جي آخري پلن جو منظر بڻجي ويندو. ھڪ ڏينهن ھو پنهنجي ان ڪمري ۾ ماري ساڙي رک ڪيو ويندو، جنهن ڪمري ۾ ھن جا ڪتاب ھئا. جنهن ڪمري ۾ ھن جا نوٽ بڪ ھئا. جن نوٽ بُڪن ۾ ھن جا اڌورا شعر ھئا. ھاڻي آڪاش جا اڌورا شعر ڪڏھن به مڪمل نه ٿي سگھندا. اھي انهن منصوبن وانگر ڪڏھن مڪمل نه ٿي سگھندا، جن منصوبن جا مالڪ عمل جي دوران مري ويندا آھن يا ماريا ويندا آھن. آڪاش لفظن جو مصور ھو. ھو پنهنجين ڪجھ تحريري تصويرن تي ڪم رھيو ھو. اھي چتر ھاڻي اڻ پورا ۽ اڌورا رھندا.