لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف جنگبندي معاهدي بابت چيو آهي ته الله پاڪ ڪامياب ڪرايو، وزيراعظم، آرمي چيف، ايئر چيف، پاڪ فوج کي شاباش ۽ مبارڪون ڏيان ٿو. سماجي رابطي جي سائٽ ايڪس تي بيان ۾ هن چيو ته رب العزت جو شڪر آهي ته پاڪستان جو ڪنڌ اوچو ٿيو، پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، هميشه امن کي ترجيح ڏني ويندي آهي، پر پنهنجو دفاع ڪرڻ به ڄاڻون ٿا. هوڏانهن پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته پاڪستان کٽي ويو، الحمد الله، اسان دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، قوم کي فتح مبارڪ پاڪستان زنده باد.