راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته اسان الله تعاليٰ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ پنهنجو پاڻ تي ڀاڙيون ٿا، پاڪستاني قوم نه ڪڏهن جهڪي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن جهڪندي. چيني ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان لاءِ سڀ کان اهم شيءَ ان جي طاقت ۽ عزم آهي، جڏهن اسان جو ارادو مضبوط هوندو ته عالمي برادري به پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪوششون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان دهشتگردي جهڙي لعنت خلاف ويڙهه وڙهي رهيو آهي، دهشتگردن جو مقصد ئي ترقيءَ کي روڪڻ آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن وڌڻ چاهي ٿو، چين جي مختصر عرصي ۾ ڪيل ترقي سڄي دنيا لاءِ مثال آهي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته عوام، فوج ۽ سڀئي قومي ادارا گڏيل سگهه سان ملڪ کي دهشتگردي کان بچائي ترقي ڏانهن وٺي ويندا ۽ جلد سڄو ملڪ ترقيءَ جون منزلون طئي لڪندو.