لاهور _م ڊ) 19 ڪروڙ پائونڊ اسڪينڊل ۾ بشريٰ بي بي کي نيب جاچ لاءِ 7 جون تي طلب ڪري ورتو آهي. جاچ لاءِ جوڙيل گڏيل جاچ ڪاميٽي(جي آءِ ٽي) عمران خان جي گھر واري بشريٰ بي بي کي جاچ لاءِ طلب ڪيو آهي. بشريٰ بي بي کي اماڻيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته7 جون جي صبح يارهين بجي راولپنڊي جي آفيس جي_6 اسلام آباد ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿئي ۽ اماڻيل سوالن جا جواب لکت ۾ ڏئي.  نيب پاران نوٽيس ۾ القادر يونيورسٽي پروجيڪٽ ٽرسٽ، القادر يونيورسٽي پروجيڪٽ انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۽ القادر ٽرسٽ جي رجسٽريش سميت سمورا ٻيان دستاويز گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.