القادر يونيورسٽي ريفرنس جو فيصلو ۽ ڪُجهه سوال

0
32
القادر يونيورسٽي ريفرنس جو فيصلو ۽ ڪُجهه سوال

 اڳوڻي وزير اعظم ۽ تحريڪ انصاف جي باني سربراهه عمران خان کي القادر يونيورسٽي ريفرنس ۾ 14 سال قيد، 10 لک رُپيا ڏنڊ ۽ اُن جي ٽئين زال بيگم بشريٰ عمران خان کي 7 سال قيد ۽ 5 سال ڏنڊ جون سزائون ٻُڌائي ڇڏيون آهن. اڊيالا جيل ۾، جتي عمران خان قيد آهي، فيصلو ٻُڌائيندڙ عدالت القادر يونيورسٽي کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو پڻ حُڪم ڏنو. اپوزيشن ليڊر عمر ايوب، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر سميت تحريڪ انصاف جا 2 درجن اڳواڻ ان فيصلي کي سيرت النبي پڙهائڻ جو نتيجو قرار ڏئي رهيا آهن، يعني “القادر يونيورسٽي ۾ سيرت النبي پڙهائي ويندي هئي، تحريڪ انصاف جي باني، اُن جي زال ۽ حامين کان علاوه باقي سڀ سيرت النبي پڙهائڻ واري عمل کي پسند نٿا ڪن”. سياست ۾ اجايو وڌاءَ ۽ مذهبي ٽچ هميشه کان هئا پر عمران خان انهن ٻنهي کي عروج تي پهچائي ڇڏيو. اُن جي ٽئين گهرواريءَ جو به ڪُجهه سال اڳ بيان شايع ٿيو هو ته، “مون کي خُواب ۾ نبي ڪريم صلعم حُڪم ڏنو ته، موجوده مُڙس کان طلاق وٺي عمران خان سان شادي ڪري ڇڏ”. ان خُواب تي مختلف ويچار رکندڙ حلقن طرفان شديد ردعمل سامهون آيو پر هن (بشريٰ بيگم) ترديد ڪندي چيو ته، “مُون اهڙو ڪوبه بيان ناهي ڏنو، اهو غلط طور تي مون سان منسوب ڪيو ويو”.هاڻي ان کي ڇا چئجي ته جنهن بيان جي هُوءَ ترديد ڪندي نظر اچي، ان جي قدم قدم تي درست هجڻ تي اُن جي هڪ سهيلي محترما فرح گوگي، جيڪا اڄڪلهه مفرور آهي، اُها اُن جي صحيح هجڻ تي هوڏ ٻڌي بيٺل رهي. هُوءَ چوندي هئي ته، “الله وارن جا فيصلا مٿان کان ايندا آهن. عمران ۽ بشريٰ جا مخالف اهڙن فيصلن تان چٿرون ڪرڻ جو نتيجو ڀوڳيندا”. ساڍا ٽي سال يقينن عمران خان جي مخالفن نتيجا ڀوڳيا پر هاڻي عمران خان ڪنهن “ڳالهه ۽ ڪم” جو نتيجو ڀوڳي رهيو آهي؟ اهو سوال آهي. هونئن اها ڳالهه به رڪارڊ تي آهي ته، خود عمران خان ماضيءَ ۾ تسلسل سان چوندو رهيو آهي ته، “جن حالتن مان گذري رهيو آهيان، مون کي ائين لڳي ٿو ته، انهن مان الله تعاليٰ مون کي پيغمبرن وانگر تيار ڪري رهيو آهي”.

مٿي ڄاڻايل حوالا بيحد ضروري هئا، ڇو ته، هن وقت دِين فروشيءَ ۾ عمران، اُن جي پارٽي ۽ عقيدت مندن جو ڪو به مقابلو نٿو ڪري سگهي. هاڻي ڏسي وٺو هڪ رشوت واري سڌي ڪيس جي فيصلي کي سيرت النبي پڙهائڻ جي سزا قرار ڏنو پيو وڃي، ته جيئن “عقيدتمندن” جا مذهبي جذبا اُڀاري سگهجن. هاڻي هڪ سوال آهي، هتي ته، لمز جهڙن ادارن ۾ به اهڙا اُستاد آهن، جيڪي جديديت کي اسلام دُشمني سمجهندا آهن. ملڪ جي باقي ٻين يونيورسٽين کي ڏسي وٺو، اهي ڪنهن به ريت مختلف فرقن جي مدرسن کان گهٽ ناهن، اهڙي حالت ۾ هڪ نئين “مدرسي” جي ضرورت ڇو پيش اچي وئي؟ معاملو سيرت النبي پڙهائڻ تي مليل سزا جو ناهي. صاف ۽ سڌو معاملو آهي 190 ملين پائونڊ برطانيا کان آيا. اصولي طور تي اهي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ اچڻ گهرجن ها پر مرزا شهزاد اڪبر جي معرفت ملڪ رياض “بحريه ٽائون وارو” سان طئي ٿيل معاملي تحت اها رقم سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ آئي. سپريم ڪورٽ، جتي ملڪ رياض جي بحريه ٽائون ڪراچي جي حوالي سان عدالت ۽ ملڪ رياض جي وچ ۾ هڪ وڏي رقم ڏنڊ طور ادا ڪرڻ جو معاملو طئي ٿي چُڪو هو، ڪهڙي قانون تحت رقم حڪومت پاڪستان جي خزاني ۾ جمع ٿيڻ بدران سپريم ڪورٽ جي هڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرائي وئي؟ ان سوال جو جواب ڏيڻ بدران اُبتين سُبتين ڳالهين کان سواءِ ڪُجهه ٻُڌڻ ۾ نه پيو اچي. چيو پيو وڃي ته، عمران ۽ ان جي زال ڪرپشن ئي ناهي ڪئي ته پوءِ سزا ڇاجي؟ ان رقم کي حڪومت پاڪستان بدران سپريم ڪورٽ جي هڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ غير قانوني ۽ ڪرپشن ناهي ته پوءِ ڇا آهي؟ سچ پُڇو ته ان معاملي ۾ “اهو” جج ۽ لاڳاپيل اڪائونٽ (سپريم ڪورٽ) جو نگران به ڏوهه ۾ شريڪ هئا. ٻنهي کان پُڇڻ گُهرجي ها ته، ڪهڙي قانون تحت غير قانوني رقم کي، جيڪا برطانيا پاڪستان حڪومت کي ڏئي رهيو هو، هڪ شخص جي ملڪيت ۾ قبول ڪيو ويو ۽ اُن کي سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ وصول ڪيو ويو؟ برطانوي نيشنل ڪرائيم ايجنسي ۽ حڪومت 190 ملين پائونڊ پاڪستان سرڪار کي واپس ڪرڻ لاءِ چيو هو. مني لانڊرنگ ۽ ٻئي غير قانوني سرمائي جي حوالي سان اقوام متحده جي معاهدي مطابق پڪڙيل سرمايو لاڳاپيل شخص کي نه پر اُن شخص جي ملڪ جي حڪومت کي واپس ڪرڻو هوندو آهي. فرد کي واپس ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته، ڪو ڏوهه ڄڻ ٿيو ئي نه آهي.

القادر يونيورسٽي لاءِ ڏنل ايراضي ۽ اُن جي اڏاوت لاءِ خرچ، ٻئي ملڪ رياض جي کيسي مان ٿيا. بني گالا ۾ پڻ زمين جو حق ٽڪرو موجود آهي. ملڪ رياض جي جيڪا رقم برطانيا ۾ پڪڙي وئي، تحقيقات ۽ ٻيا مرحلا طئي ڪرڻ کان پوءِ اها رقم اقوام متحده جي قانون مطابق پاڪستان حڪومت جي ملڪيت هئي. هڪ رقم جيڪا پاڪستان حڪومت جي ملڪيت هئي، اُها ڪيئن عدالت ۽ اُن شخص جي وچ ۾ ڏنڊ واري معاملي کي نبيرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي؟ اهو بنيادي طور تي اختيارن جي اورانگهه واري ذمري ۾ اچي ٿو. صاف سڌن لفظن ۾ “ڪرپٽ پريڪٽسز” رقم جي برطانيا ۾ پڪڙجڻ تي سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ اچڻ، القادر ٽرسٽ قائم ڪرڻ لاءِ زمين جي فراهمي ۽ پوءِ اڏاوت، انهن سمورن جو ڏينهن، مهيني ۽ سال جو حساب ترتيب ڏئي ڏسي وٺو ته خبر پئجي ويندي ته، سيرت النبي پڙهائڻ تي سزا ٿي آهي يا پاڪستان حڪومت جو پئسو، فرد جي ڏنڊ جي ادائگيءَ لاءِ عدالتي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ جو ڏوهه سرزد ٿيو آهي.

عمران خان ۽ ان جا حامي موالي ۽ انقلابي اڄ به ان جي مخالف سياستدان کي چور ڌاڙيل ۽ ڦورو سمجهن ٿا، هاڻي جڏهن عمران خان پاڻ به ان قطار ۾ اچي بيٺو آهي ته سياسي انتقام ۽ سيرت النبي پڙهائڻ تي سزا جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. اسان وٽ جيئن ته آسانيءَ سان وڪرو ٿيندڙ وکر مذهب آهي، تنهن ڪري هر طرف اُهو ئي وڪرو ٿئي ٿو. سياسي انتقام واري ڳالهه تڏهن غلط ڇو هئي، جڏهن عمران خان جي حڪم تي نيب رات جي پڇاڙڪن پهرن ۾ آصف زرداري جي ڀيڻ کي اسپتال کان جيل منتقل ڪيو هو؟ اسان جو اڀاڳ اهو آهي ته، هتي سڀ پنهنجي پنهنجي ليڊر ۽ ان جي خاندان کي ‘مسيت جو ڪَک’ سمجهندا آهن ۽ مخالف انهن جي نظر ۾ نِج جهنمي هوندو آهي. اها ڳالهه صحيح آهي ته، اڃان عمران خان ۽ ان جي زال وٽ سزائن خلاف اپيلن جا ٻه مرحلا (هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ) موجود آهن. سندن وڪيلن کي گهرجي ته، اپيلن جي ٻڌڻين دوران چلڪڻي سياست جي ٽڪساٽن کان پلئه بچائي استغاثه جي موقف جا پهڻ پرزا ڪري ڇڏين ۽ ثابت ڪن ته برطانوي حڪومت 190 ملين پائونڊ جي رقم پاڪستاني حڪومت کي نه پر برطانوي قانون جي هڪ ڏوهاريءَ کي، پاڪستاني سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻئي ڪيس ۾ ڏنڊ ادا ڪرڻ لاءِ ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. اصل مسئلو بلڪه معاملو اهو ئي آهي.  عمران خان جڏهن ماضيءَ ۾ (هونئن ته هُو هاڻي به مخالفن لاءِ اهو ئي چوندو آهي) مخالفن کي ڪرپٽ، چور ۽ ڌاڙيل وغيره چئي گريبان کان پڪڙي گهلڻ ۽ مُڇين کان پڪڙي ٽنگڻ جون ڳالهيون ڪندو هو. اسان تڏهن به عرض ڪيو هو ته، نفرتن جي اها سياست هڪ ڏينهن کيس اُتي ئي پهچائي ڇڏيندي، جتي هُو پنهنجي مخالفن کي ڏسي خوش ٿئي ٿو.

القادر ٽرسٽ ريفرنس جي فيصلي ۾ ٽرسٽ جي جيڪا وصف عدالت بيان ڪئي آهي، اپيل جي مرحلي ۾ اُن جا وڪيل صرف اُن وصف کي غلط ثابت ڪن ته، سمورو ڪيس پاڻي ٿي ويندو. ڪالم جي هن حصي ۾ اهو عرض ڪرڻ بيحد ضروري آهي ته، سياستدانن سان رابطن جي بدران اسٽيبلشمينٽ تي ڀاڙڻ ڪالهه وانگر اڄ به ‘گُناهه بي لذت’ آهي. ڪيس ڀلي هلن، پوءِ اُهي ڪُوڙا ئي سهي،  ته قانوني طور تي اُهي ڪيس وڙهڻ سان گڏوگڏ عمران خان ۽ اُن جي جماعت کي سياسي رويو اختيار ڪرڻو پوندو. ڪرپشن ۽ ڪرپٽ پريڪٽسز تي مليل سزا تي سيرت النبي پڙهائڻ واري اڍنگي منطق سان حامين جا جذبات ڀڙڪائڻ جي بدران حقيقت پسنديءَ جو مظاهرو ڪرڻ ضروري آهي.