ميرواھ گورچاڻي (ن پ ا ) العباس شگر مل 50 پورهيتن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو خبر موجب العباس شگر ملز ميرواھ گورچاڻي 50 سيزنل اسٽاف کي نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو آهي ذريعن موجب مل انتظاميه بااثر زميندارن جي خاص ماڻهن کي ڊيوٽين تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل معلومات موجب ته 50 فارغ ٿيل ملازمن کي ڪيترن ئي سالن کان ڪريشنگ سيزن شروع ٿيڻ مهل مقرر ڪيو ويندو هو پر هن سال 50 ملازمن کي نوڪري تي نه رکي بيروزگار ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ بار بار رابطو ڪرڻ جي باوجود العباس شگر ملز جي ريجنل ڊاريڪٽر غلام محمد سومرو فون اٽينڊ نه ڪيو، جنهن ڪري شگر ملز انتظاميا جو موقف نه ملي سگهيو آهي.