ڪراچي: ايم ڪيو ايم جي دلاور خان چيو آهي ته ناصر شاهه ۽ ضياءُ الحسن لنجار نئين دور جا بابا رحمته آهن، اهي اسيمبلي جي ماحول کي بهتر بڻائڻ چاهين ٿا. مون ايم ڪيو ايم جي باني جي تقرير جي تعريف ڪئي، سندس  ٽي وي وڪڻي هٿيار خريد ڪرڻ واري ڳالهه  غلط نه هئي. اسان کي نصير الله بابر به ياد آهي. فاروق دادا جو به عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو هو. ٻوري ۾ بند لاشن کي ايم ڪيو ايم سان ڳنڍيو ويندو آهي. حقيقت ۾ ٻوري بند لاش پوليس طرفان ڏنا ويا. جيڪڏهن اسان اهو ڪريون ها ته اسان جا قبرستان نه ڀرجن ها، اهي ڪنهن ٻي پارٽي جا ڀرجن ها. ايم ڪيو ايم جو بلديا ٽائون واقعي سان ڪو به تعلق ناهي. اجمل پهاڙي ڪالهه به اسان جو ڪارڪن هو ۽ اڄ به ڪارڪن آهي. اسان شهيدن کي ڇڏي نٿا سگهون. اسان باني کي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ ته هن پاڪستان خلاف ڳالهايو هو.