الزامن واري سياست ڪيستائين ؟

0
42
الزامن واري سياست ڪيستائين ؟

سياست جي دنيا ۾ الزام لڳائي سياست ڪرڻ سولو به آهي ته ڏکيو به. الزامي سياست تڏهن سولي ۽ آسان ٿي بڻجي وڃي جڏهن اهي الزام مخالف سياسي گروهن تي شخصي تنقيد ڪندي لڳايا وڃن ٿا، جنهن ۾ شخصي ڪردار ۾ خاص ڪري ڪرپشن  ۽ اخلاقي پاسا هجن ٿا پر اهي ئي الزام ۽ تنقيد جڏهن نظريي ، پروگرام ۽ فڪري پهلوئن کان ڪئي ويندي آهي تڏهن تنقيد ڪندڙ پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ پابندي سان نظرين ، پروگرامن کي بهتر کان بهتر پيش ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو آهي ۽ پاڻ کي انهيءَ تي پابند ڪرڻ جو اعلان ڪندي جڏهن اڳتي وڌي ٿو ته اهو واڌارو ان جي سياست ۾ کيس وڌ کان وڌ امتحانن ۾ داخل ٿو ڪري. هڪ نظرياتي ۽ انقلابي جو ته سياسي بنياد ئي نظريي ۽ پروگرام تي هوندو آهي تنهن ڪري اهو وڌ کان وڌ پنهنجي سياست جو پورو فوڪس انهيءَ تي ڪندي سياست ڪندو. جيڪي فرد ،گروھه، پارٽيون ڪا به سماجي ، معاشي ۽ انقلابي تبديلي ناهن آڻينديون انهن جو نقطه نظر هميشه شخصي ڪردار جي تنقيد جي دائرن کان ٻاهر ناهي نڪرندو ۽ اهوئي سياسي عمل انهن جي لاءِ انتهائي آساني وارو هوندو آهي.

جيئن هن وقت ٿئي پيو جو ٻنهي طرفن کان الزامن جا حملا سرد جنگ جي انداز ۾ ٿي رهيا آهن پر ڇا اهي حملا يا اها تنقيد عمران خان کان شروع ٿي آهي؟ سياست جي تاريخ تي مختصر نظر وجھڻ سان اهو به آساني سان سمجھي سگھون ٿا ته هن ملڪ جي پوري تاريخ سواءِ 1970ع جي اليڪشن جي جنهن ۾ پارٽي پروگرامن جي بنيادن تي سياست ڪئي وئي يعني پ پ پ اٽي ، لٽي ۽ اجھي جو نعرو ڏنو جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽي اسلامي سوشلزم سڏيو هو ۽ ٻئي طرف عوامي ليگ شيخ مجيب الرحمٰن جي قيادت ۾ صوبائي خود مختياري جو منشور ڏيندي صوبائي خود مختياري جا ڇھه نقطا ڏنا هئا تنهن وقت تقريبن سياسي جماعتن اهي لبرل هيون يا مذهبي سڀني جماعتن پنهنجي پنهنجي نظريئي مطابق اليڪشن منشور ڏنا هئا. پاڻ ان دور جي اليڪشن کي سياسي پروگرامن ۽ منشور جي بنيادن تي اليڪشن ۽ سياست چئي سگھون ٿا تڏهن اسان کي تاريخ ۾ هي تلخ دور به نظر اچي ٿو جڏهن شيخ مجيب الرحمٰن کي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ وڌ کان وڌ هن جي مٿان دٻاءُ وڌو ويو ته هو پنهنجي منشور ڇھه نقطن کان پوئتي هٽي يا انهن ۾ اها تبديلي آڻي جيڪا اسٽيبلشمينٽ کي پسند هجي ۽ خاص ڪري کيس چيو ويو ته هو جيڪڏهن ايئن نه ڪندو ته نتيجن کي نه مڃيو ويندو.

ايتري حد تائين جو شيخ مجيب کي جيل ۾ بند ڪيو ويو پر هن صاف لفظن ۾ چيو ته هي پروگرام هاڻي عوام جي امانت آهي انهيءَ کي تبديل ڪرڻ جو بنيادي حق صرف ۽ صرف پارليامينٽ کي ئي آهي پارليامينٽ جو اجلاس گھرايو وڃي پوءِ ڀلي پارليامينٽ انهن نقطن کي تبديل ڪري يا مڪمل ختم ڪري. پارليامينٽ جي اجلاس جي مخالفت جتي اسٽيبلشمينٽ ڪئي ۽ ٻين ڪجهھ سياسي جماعتن ۽ خاص ڪري خود ذوالفقار علي ڀٽي به مخالفت ڪئي هئي ۽ انهيءَ کان پوءِ جيڪو ڪجھه ٿيو اهو تاريخ ۾ هڪ وڏي سانحي جي صورت ۾ اسان جي اڳيان موجود آهي. انهيءَ کان پوءِ هن ملڪ جي اندر سياست ٽوٽل جو ٽوٽل شخصي اخلاقي تنقيد کان ٻاهر ناهي نڪري سگھي پر پاڻ اڃان به جيڪڏهن ٿورو پوئتي هلنداسين ته اسان کي هن خطي ۾ انگريزن جي آزادي جي تحريڪ ۾ به وطن دوستي جي نعري سان گڏوگڏ سياسي پروگرامن ۾ هلڪي سطح جي تبديلي جو پروگرام نظر اچي ٿو سواءِ ان وقت جي کاٻي ڌر جي سياست جي جن وٽ مڪمل طور تي معاشي پروگرام هو، باقي روحاني ۽ اخلاقيات جو پروگرام پارٽين وٽ هو، ايتري حد تائين جو هن خطي جي وڏي کان وڏي جماعت ڪانگريس به پنهنجي معاشي پروگرام ۾ ڪليئر نه هئي. ان وقت سياسي پروگرام جي طور تي سيڪيولرزم ته شامل هو پر معاشي پروگرام ۾ ٻڏ تر جو شڪار هئي. هو سوشلزم جي نظريئي کان متاثر رهندي ڪجھه اصلاحات جي ڳالھه ڪندا هئا پر چٽو پروگرام هنن وٽ قطعي نه هو.

آزادي جي نعري ۽ خواهش پوري معاشي ۽ نظرياتي پروگرام کي پس منظر ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيو هو تڏهن مسلم ليگ جيڪا 1901ع ۾ ٺاهي وئي هئي ڍاڪا ۾ ان جو بنياد رکندي تڏهن صرف اهو ئي چيو ويو هو ته هي جماعت سر سيد احمد خان جي حڪمتِ عملي جي بنيادن تي وڌندي، مسلمانن جي لاءِ انگريز سرڪار کان مراعتون گھرندي ۽ پوءِ مسلم ليگ قدم به قدم اڳتي وڌندي ڪانگريس سان اختلافن ۾ آئي. محمد علي جناح جنهن جي شروعات پڻ سياسي طور تي ڪانگريس کان ٿي هئي ۽ اختلافن سبب هو ڪانگريس ڇڏي مسلم ليگ ۾ آيو ته انهيءَ جو سياسي فوڪس ۽ حڪمتِ عملي مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ اختلافن ۾ مسلمانن جا سياسي حق رهيو ۽ جيڪو وڌندي ورهاڱي تائين پهتو پر پوري تاريخ ۾ مسلم ليگ ڪو به سماجي ، معاشي پروگرام نه ڏنو هو. ورهاڱي کان پوءِ جي تاريخ اسان جي اڳيان آهي ڪنهن به حڪومت پاڻ کي ڪنهن معاشي ۽ سماجي پروگرام جو پابند نه سمجھيو. اخلاقي ۽ شخصي ڪردار جي تشريح ۽ تنقيد هر دور ۾ ٿيندي نظر اچي ٿي. پاڻ کي هي به افسوسناڪ صورتحال نظر ٿي اچي جڏهن جناح صاحب قانون سازي جي لاءِ تقرير ڪندي چيو هو ته هاڻي پاڪستان حاصل ڪرڻ کان پوءِ هندو ۽ مسلمانن جو فرق ۽ بحث ختم ٿيڻ گھرجي پاڻ سڀ پاڪستاني آهيون ۽ پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪنداسين ليڪن هڪ لفظ به اسان کي اهڙو ٻڌڻ ۾ نٿو اچي جنهن کي سماجي ۽ معاشي پروگرام جي دائري ۾ آڻي سگھون ۽ ايئن ئي ٿيندو رهيو.

اهي شخصي تنقيدون ليڊرن جي اهليت ۽ نااهليت تي بحث پوري هڪ تسلسل سان وڌندي هاڻي ان نهج تي پهچي چڪو آهي جتي هي ملڪ معاشي بدحالي ۽ بدترين بحرانن مان گذرندي سڀ ڪجھه اهو ئي پيو ورجائي جيڪو ڪرداري تنقيد کان ٻاهر نظر نٿو اچي سڀئي ڌريون انهيءَ بحث ۾ الجھيل آهي ته هن ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي در کان ڪيتري خيرات ملندي جو هي ملڪ ڏيوالپڻي کان بچي سگھي. اسان جي تبديلي جو سورمو عمران خان جنهن پوڻا چار سال حڪومت ڪئي ۽ ان جي دور ۾ معيشت جي اندر جيڪا به حڪمتِ عملي اختيار ڪئي وئي اها به مڪمل طور تي قرض در قرض کان ٻاهر نه نڪري سگھي. هو ڀلي اها دعويٰ ڪري ته هن تيل ۽ بجلي ۾ سبسڊي ڏني پر هو اها دعويٰ نٿو ڪري سگھي ته هن قرضن جي عمل کان هٽي ڏني هجي ۽ هاڻي به اسان جا ماهرِ معاشتدان پنهنجي صلاحيتن جو اهو پيا مظاهرو ڪن ته هو آئي ايم ايف کي راضي رکڻ جي لاءِ ۽ انهن کان قرض وٺڻ جي لاءِ ڪيترا ماهر ۽ سمجھدار آهن. دنيا جا عالمي ادارا هن ملڪ تي جيڪا تنقيد ڪن پيا اها اهائي آهي ته پاڪستان 17.04 ارب ڊالر جي مراعت هتان جي اشرافيا ڪلاس کي ڏئي رهيو آهي ۽ ڪو به انهن تي نالي ماتر تنقيد کان وڌيڪ عمل ڪندي نظر نٿو اچي. ڪنهن به پارٽي وٽ نه زرعي پروگرام آهي ۽ نه صنعتي پروگرام شرمناڪي جي حد اها پهچي چڪي آهي جو حڪومت جون سڀئي ڌريون بشمول اپوزيشن اهو ئي ٿي چئي ته بجلي بحران کي ختم ڪرڻ جي لاءِ چين ۽ ٻاهر جي ڪهڙين ڪمپنين کي آڻجي پر هڪ پارٽي وٽ به پروگرام اهڙو ناهي جنهن بنيادن تي هو مخالفن تي تنقيد ڪري ۽ پنهنجي پروگرام جي ڳالھه ڪري.

پي ٽي آئي غداري جي الزامن ڪرپشن جي الزامن کان هٽي ڪري پنهنجي معاشي ۽ سماجي ڪنهن به پروگرام تي نٿي ڳالهائي ڇو ته هن وقت تائين عمران خان ۽ سندس پارٽي وٽ اهڙو سياسي منشور آهي ئي نه جنهن کي پيش ڪري هو مخالفن تي تنقيد ڪري ۽ نه وري حڪومت جي اتحاد جي تمام جماعتن وٽن ڪو منشور يا پروگرام نظر ٿو اچي. مريم نواز عمران خان سان مقابلي ڪرڻ جي لاءِ الزامن ۽ تنقيدي لفظن جي هر روز هڪ نئين ڊڪشنري کڻي ميڊيا ۾ نظر ٿي اچي ۽ پوري ن ليگ جيڪا پاڻ کي تجربيڪار ۽ باصلاحيت ٽيم جي پارٽي چئي ٿي انهن مان ڪو به ان نقطي تي نٿو ڳالهائي ته هاڻي ڪهڙو معاشي سماجي ، سياسي پروگرام هن ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگھندو. نواز شريف جيڪو پاڻ کي گڊ گورننس جو فائونڊر  ٿو سڏي انهيءَ جو فارمولو به اهوئي آهي ته سڀ ملي گڏجي حڪومت ڪيو ايتري حد تائين جو  ن ليگ ميثاق معيشت جي باربار ڳالھه ته ڪري ٿي پر هن وقت تائين ان جو ڊرافٽ پيش ناهي ڪري سگھي ته هو ڪهڙي معيشت تي سڀني کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش وٺندا. پ پ پ وٽ هاڻي اٽي ، لٽي ۽ اجھي جو نعرو پنهنجي تيرن ۾ چچرجي چڪو آهي ايتري حد تائين جو سنڌ کي 14 سالن جي ڊگھي عرصي ۾ بهتر حڪمراني يعني گڊ گورننس به ناهي ڏئي سگھي. سوشلزم جي ڳالھه ڪندڙ ڀلي اسلامي سوشلزم ئي سهي پر اها پارٽي هن وقت ڀوتارن جي چنبي ۾ مڪمل طور تي ڀڪوڙجي چڪي آهي. ملڪ جي پوري صورتحال جيڪا معاشي ۽ سماجي بد کان بدتر حد تائين پهتل آهي انهي جو بنيادي سبب اهائي سياست آهي جنهن ۾ نظريئي ۽ پروگرام کان سواءِ صرف ۽ صرف الزامن جي برسات ۽ تنقيد جو ميلو نظر اچي ٿو ۽ هي ملڪ تاريخ جي ان دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي جتي خود تاريخ اهو سوال ٿي ڪري ته هي الزامن جي  سياست ڪيستائين رهندي ۽ هن رياست ۽ عوام جو ڇا ٿيندو؟