جده(شوبز  نيوز) پنهنجي منفرد ڪانٽينٽ سان شهرت ماڻيندڙ ٽڪ ٽاڪر ”خابي لامه“ عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي آهي. سينيگال جي اطالوي شخصيت خابي لامه پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي عمرو ادا ڪرڻ جون تصويرون شيئر ڪيون آهن. خابي گذريل سال پنهنجي مذهب بابت ٻڌايو هو ته هو نه صرف هڪ مسلمان پر هڪ حافظ قرآن پڻ آهي. انسٽاگرام تي شيئر ڪيل تصوير ۽ وڊيو ۾ خابي لامه احرام ۾ ڪعبي جي سامهون بيٺو آهي. تصوير جي ڪيپشن ۾ خابي لکيو ته مان صرف الحمدالله چوڻ چاهيان ٿو، الله مون کي هر شيءِ سان نوازيو آهي. هن وڌيڪ لکيو ته ”مون زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏنو ۽ جڏهن سڀ ڪجهه ناممڪن نظر آيو ته پوءِ منهنجي ايمان مون کي مضبوط رکيو”.