ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران الاٽيز کي پلاٽن جا قبضا نه ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت اٿارٽي جي ڊي جي کي طلب ڪري ورتو. جسٽس ظفر احمد راجپوت ريمارڪس ڏنا ته الاٽيز کان پيسا وٺڻ باوجود پلاٽ ڇو نه ڏنا ويا؟ ڇا اها ايم ڊي اي جي ذميواري ناهي ته اها الاٽيز کي  پلاٽ فراهم ڪري؟. درخواستگذار جي وڪيل موجب عبدالخير ۽ ٻين 2019ع ۾ ايم ڊي اي ۾ پلاٽ بڪ ڪرايا هئا،  ايم ڊي اي اڃا تائين پلاٽ فراهم نه ڪيا آهن عدالت 5 ڊسمبر تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.