اسلام آباد: رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن وفاقي نوڪرين ۾ اقليتي ڪوٽا جي روح تي عمل ڪرائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. حڪومت اقليتن لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا رکي آهن. سڌي ريت ڀرتي اقليتي ڪوٽا تي ڪئي ويندي آهي. اسٽيبلشمينٽ موجب وفاقي حڪومت ۾ اقليتي ملازمن جو انگ 22-2021ع ۾ 19128 هو، جيڪو سال 23-2022ع ۾ وڌي 20457 ٿي ويو آهي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت سنجيده قدم کنيا آهن. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي هڪ آفيسر پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته اقليتن جي 5 سيڪڙو کي فني طور تي وفاقي ملازمن جي ڪل تعداد مان ڪڍي نٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته ميرٽ جي بنياد تي ڀرتين، پروموشنز، شارٽ ٽرم ڀرتين لاءِ ڪوٽا لاڳو نٿي ٿئي.
گريڊ 21 ۽ 22 جو هڪ به اقليتي آفيسر ناهي
اسلام آباد: رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گريڊ 17 کان 22 تائين 27 هزار 11 آفيسر وفاقي حڪومت ۽ ماتحت ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب گريڊ 21 ۽ گريڊ 22 ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۾ اقليتي طبقي جو هڪ به آفيسر ناهي. جڏهن ته گريڊ 20 ۾ 7، گريڊ 19 ۾ 10، گريڊ 18 ۾ 41 ۽ گريڊ 17 ۾ 180 اقليتي آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن. گريڊ هڪ کان 16 تائين اقليتي ملازمن جو انگ رڳو 20 هزار 219 آهي. جنهن ۾ هڪ گريڊ ۾ 8960 اقليتي ملازم، 5 هزار 374 گريڊ ٻه ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙي ريت آزاد، نيم خودمختيار ۽ ڪارپوريشنز ۾ گريڊ 17 کان 22 تائين 57 هزار 478 آفيسر مان اقليتي آفيسرن جو انگ رڳو 598 آهي، گريڊ 1 کان 16 ۾ 2 لک 99 هزار 547 ملازمن مان اقليتي ملازمن جو تعداد صرف 10 هزار 468 آهي.
فوج ۾ ڪم ڪندڙ اقليتن جا تفصيل نه ڄاڻايا ويا
اسلام آباد: اسٽيبلشمينٽ ڊويزن 1997ع کان وٺي وفاقي ملازمن جي انگن اکرن تي مشتمل سالياني رپورٽ جاري ڪئي آهي ، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن تازو ئي مالي سال 2022-23 جي رپورٽ جاري ڪئي آهي، سول آرمڊ فورسز جا تفصيل شامل آهن پر فوج ۾ ڪم ڪندڙ اقليتن جا تفصيل ناهن ڄاڻايا ويا.