ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اقوام متحده جي وفد مڪلي قبرستان جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي ڪالهه اقوام متحده جي 8 رُڪني وفد چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ سان ملاقات ڪري مڪلي قبرستان جي بحالي ۽ تحفظ وارن معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون، ان موقعي تي چيف سيڪريٽري چيو ته گڏيل قومن 2022 واري ٻوڏ جي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪيو آھي، ملاقات دوران وفد سنڌ ۾ موسمياتي تبديلين  جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪندي موسمياتي ڊائلاگ جي تجويز پيش ڪئي . وفد سنڌ ۾ توانائي بحران جي حل لاءِ فني  سهڪار جي پڻ آڇ ڪئي. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري چيو ته عالمي ورثي مڪلي قبرستان جي تحفظ لاءِ بين الاقوامي اداري جي مدد جي ضرورت آھي. گڏيل قومن جي وفد مڪلي قبرستان جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪندي خاطري ڪرائي ته عالمي ورثي جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪيو ويندو.