اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ اقليتن جي قومي ڪميشن بابت بل منظور ڪري ڇڏيو. ڪميشن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان اقليتن جي خاص موقعن، ڏهاڙن ۽ انهن/ڏسو صفحو 7 بقايا 14
جي عبادتگاهن جو تحفظ ڪندي. ڪميشن حڪومت کي متاثر شخص يا سندس خاندان کي فوري رليف ڏيڻ جي به سفارش ڪندي. ڪميشن سوشل ميڊيا تان اقليتن خلاف ڪنهن به امتياري يا نفرت انگيز مواد کي هٽائڻ جو حڪم ڏيندي ۽ اهڙو مواد پکيڙڻ يا تيار ڪرڻ وارن خلاف قانوني ڪارروائي جي به سفارش ڪندي. بل جي جي متن مطابق اقليتن جي حقن لاءِ قومي ڪميشن قائم ٺاهي ويندي. ڪميشن اقليتن جي آئيني حقن جي نگراني ڪندي. ڪميشن اقليتن جي ڀلائي ۽ حقن جي تحفظ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تيار ڪندي. ڪميشن اقليتن جي حقن جي ڀڃڪڙي بابت شڪايتن جو ڊيٽا بيس ٺاھيندي، ڪميشن ڪنهن به درخواست يا پاڻمرادو نوٽيس تي اقليتن جي حقن جي ڀڃڪڙي بابت داخل شڪايتن جي جاچ ڪندي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان اقليتن جي خاص موقعن، ڏهاڙن ۽ عبادتگاهن جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي، اقليتن جي حقن جي ڀڃڪڙي تي ڪنهن به عدالت، پوليس يا فورم تي جاري ڪارروائي ۾ فريادي ڌر بڻجي سگھندي، ڪميشن پوليس اسٽيشن يا جيلن ۾ قيد اقليتي ماڻهن سان ملاقات ڪندي ته جيئن انهن جي گرفتاري جي قانوني حيثيت جي جائزي کانپوءِ مناسب قانوني قدم تجويز ڪري سگھجي. ڪميشن اقليتن خلاف ٿيل ڪنهن به واقعي جي جاچ ۽ انڪوائري ڪندو. وفاقي حڪومت ڪميشن کي فنڊ فراهم ڪندي ته جيئن اقليتي برادرين جي متاثر ماڻهن کي مالي ۽ قانوني مدد فراهم ڪري سگھجي. جاچ جي دوران، ڪميشن حڪومت يا لاڳاپيل ادارن کان رپورٽ يا معلومات حاصل ڪري سگھي ٿو، جيڪڏهن ڪميشن کي معلومات موجود نه به هجي، تڏهن به پنهنجي اختيار تحت انڪوائري ڪري سگھي ٿي. جيڪڏهن جاچ ۾ ڪنهن سرڪاري ملازم جي لاپرواهي ظاهر ٿئي، ته ڪميشن حڪومت کي سندس خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪندي. ڪميشن جو حڪم نه مڃيو وڃي، ته لاڳاپيل شخص خلاف ڊسيپلنري ڪارروائي جي به سفارش ڪري سگهبي، جيڪڏهن ڪميشن سمجهي ته ڪنهن فرد، سندس خاندان، دوست يا ويجهن ماڻهن کي سنجيده خطرو آهي، ته هو انهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڏيندي.