اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقتصادي رابطا ڪاميٽي ٻه لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه ناڻي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ اي سي سي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ مختلف وفاقي وزيرن ۽ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي، اي سي سي اين ڊي ايم اي کي انساني بنيادن تي شام کي 200 ٽن چانور، 200 ٽن ڪڻڪ ڏيڻ لاءِ 4 ڪروڙ 42 لک 40 هزار رپين جي فراهمي جي منظوري ڏني، فوڊ سيڪيورٽي وزارت کي چين پاران ماڪڙ جي خاتمي لاءِ امداد طور ملندڙ 12 ڊرونن تي لاڳو ٽيڪسن جي ڇوٽ جي به منظوري ڏني وئي، اي سي سي کنڊ جا ذخيرا برقرار رکڻ لاءِ صنعت پيداوار وزارت کي 2 لک ٽن کنڊ امپورٽ ڪرڻ جي به منظوري ڏني، ناڻي وزير عالمي مارڪيٽ ۾ عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ اضافي واري مامري کي ڏسڻ ۽ وقت سر گهربل شيون امپورٽ ڪرڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ صنعت پيداوار، واپار، ناڻي، قانون وزارت جي سيڪريٽرين تي ٻڌل سب ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، اي سي سي 2 لک ٽن کنڊ فوري طور تي امپورٽ ڪرڻ سان گڏ ٽي سي پي کي اها به هدايت ڪئي آهي ته وڌيڪ 3 لک ٽن کنڊ گورنٽمينٽ ٽو گورنمينٽ موڊ تي خريد ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، فوڊ سيڪيورٽي وزارت جي سفارش تي اي سي سي 4 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي، ان کان سواءِ اي سي سي ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ 24 ارب 55 ڪروڙ 50 لک رپيا ڏيڻ جي به منظوري ڏني آهي، جڏهن ته صحت وزارت کي 2 ارب 37 ڪروڙ 62 لک رپين جي سپليمينٽري گرانٽ ڏيڻ جي به منظوري ڏني آهي.