اقتدار پرستي جي سازشي گيم

0
75
ڇا عوام حڪومت کان سوال نه ڪري؟

 سياست جي فڪر ۽ عمل جي بنيادن ۾ اقتدار ۽ اقتدار جي حاصلات شامل آهي پوءِ اهو دور قديم هجي يا جديد. قديم ۽ جديد دور جي سياست ۾ فرق هي آهي ته قديم دور جي سياست صرف ۽ صرف حڪومت جي حاصلات ۽ حڪومت ڪرڻ جي عمل کي علم سياست چيو ويندو هو، اڄ جي دور ۾ انهيءَ ۾ واڌارو هي ٿيو آهي ته هاڻي سياست جمهوريت سان مڪمل طور تي شامل آهي. هن دور ۾ جمهوريت کان سواءِ سياست جي تشريح ڪرڻ اڻ پوري نامڪمل هوندي بلڪه اڄ جي دور ۾ جيڪڏهن سياست ۾ رڳو اقتدار ۽ اقتدار تي قابض رهڻ آهي ته انهيءَ کي سياست جي بجاءِ هاڻي صرف آمريت جي نالي سان سڏيو ٿو وڃي ۽ اڄ جي دور ۾ سياست جي اها تشريح بلڪل ٺيڪ آهي. آمراڻي طرز حڪومتن تي پاڻ گھڻ رخي بحث ۾ وڃڻ جي بجاءِ جيڪڏهن انهيءَ جي مختصر تشريح ڪيون ته بادشاهي آمريت ۽ فوجي آمريت کان علاوه هڪ آمريت جو ٽيون روپ به اسان جي اڳيان آهي جنهن کي پارٽي آمريت چئجي ٿو،

ان پارٽي آمريت ۾ طبقاتي سياست جي جيتري به تشريح ٿئي يا ڪئي وڃي پر ان کي جمهوريت سان ڪنهن به صورت ۾ جوڙي نٿو سگھجي. هي هڪ بحث به تمام گھڻو رهندو آيو آهي ته استحصالي طبقي پنهنجي اقتداري حاصلات کي مضبوط رکڻ جي لاءِ جمهوريت جي جوڙجڪ سان گڏوگڏ عوام جي هڪ اهڙي نفسيات به پختي ڪئي آهي جنهن ۾ هن جو اقتدار ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ انهن جا مفاد هر وقت بچندا رهن ۽ انهن کي ڪو به نقصان نه رسي. رياست جي نظريي ۽ دائرن ۾ قانون جي پيوند ڪاري ڪجھھ اهڙي انداز سان ڪئي وئي آهي جنهن سان رياست جي رهندي بلڪه رياست سان لازمي جڙيل ذاتي ملڪيت جي حق کي شامل ڪندي پنهنجي طبقاتي مفاد کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪارل مارڪس رياست کي انساني تاريخ ۾ تشدد جو بدترين هٿيار سڏيو آهي پر هن وقت ان جي گهرائي ۽ تفصيل ۾ نٿا وڌون،پر پاڻ جمهوريت ۽ سياست جي دائرن ۾ جيڪو ڪجھھ ٿئي پيو رڳو انهيءَ کي مختصر بحث جو موضوع بڻائيندي هن رياست پاڪستان ۾ هي سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته هتي جمهوريت جي نالي تي جيڪا سياست ڪئي ٿي وڃي انهيءَ جو بنيادي مقصد ڪهڙو ۽ ڪيتري حدن تائين آهي. پاڻ جيئن پهريان ئي هي ذڪر ڪيو آهي ته سياست جي اندر حڪومتي عمل ۽ فڪر ۽ حڪمتِ عملي هر وقت جڙيل رهيون آهن تنهن ڪري هتي سياست ۾ جيڪو ڪجھھ نظر اچي پيو پاڻ انهيءَ کي ٽن پرتن يا حصن ۾ ورهائي سگھون ٿا،

هڪ اقتدار پرستي، ٻيو احساس، ۽ ٽيون نظريو. پاڪستان جي پوري اقتداري جمهوري ۽ سياسي سرشتي ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور پرت ۽ ڌارا هن وقت تائين اقتدار پرستي رهي آهي ( سواءِ ڪجھھ دور جي جنهن کي به پاڻ 1970ع تائين چئي سگھون ٿا جنهن ۾ بنگال جو حصو اسان سان شامل هو ۽ ان دور جي سياست ۾ اقتدار پرستي کان وڌيڪ احساس ۽ نظريي جو عمل دخل هو) ۽ اها اقتدار پرستي هر وقت ان ڪوشش ۾ رهي آهي ته عوام ۽ جمهوريت جي نالي کي استعمال ته ڪجي پر ڪڏهن به عوام کي سگھارو نه ڪجي. هاڻي لازم آهي ته عوام جي طاقت کي ڪمزور ڪندي اقتدار حاصلات جي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي ته ان سياست جي اندر وڌ کان وڌ ان ڌر کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي يا ان سان جڙڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي جيڪا ڌر يا گروھھ اقتداري حاصلات کي ممڪن بڻائي. پاڻ ان ڌر کي هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي لفظ سان سڏيون ٿا. اسٽيبلشمينٽ وٽ اقتدار جي گيم کي هلائڻ جي لاءِ ٻئي رستا آهن هڪ اقتدار تي سڌو حملو يا ڊڪٽيٽرشپ جو عمل ۽ ٻيو جمهوريت جي نالي تي اليڪشن جي گيم، اليڪشن جو رستو اسٽيبلشمينٽ کي اقتداري دور جي اندر وڌيڪ سافٽ ۽ بهتر نظر آيو آهي ڇو ته هو پنهنجي مرضي جي نتيجي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ نتيجن جي وڍ ڪٽ ڪري ۽ حصي پتي ۾ نه وڻندڙن کي به شامل ڪري معاملي کي اڳتي وڌائيندو آهي. ليڪن جمهوريت جو اهوئي هڪ طاقتور پهلو به آهي ته ان جي ذريعي سان جنهن کي طاقتور ڪري يا ان جو پلڙو ڀاري ڪري يا ڪنهن پارٽي جو پلڙو ڀاري ڪري. جڏهن اقتدار ان جي حوالي ڪيو ويو آهي ته انهيءَ جا ئي ٽڪراءَ اقتدار ڏيندڙ ڌر سان تاريخ جي هر دور ۾ ٿيندي رهيا آهن.

اقتدار پرستي جي جنون جو الميو اهوئي رهيو آهي ته اهي فرد جيڪي پنهنجي پارٽي جي گرائونڊ تي عوامي پاپولرٽي حاصل ڪرڻ ۾ اڳتي وڌي ٿا اچن اهي من وعن ۽ سر تسليم خم ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار نه ٿيندا، انهن جو ٽڪراءُ اسٽيبلشمينٽ سان ٿيندو. معاملو ايستائين رڳو نٿو بيهي خود اسٽيبلشمينٽ ۾ اقتداري حاصلات جي راند سندن صفن ۾ ڏار ٿي وجھي اندر ئي اندر وري هڪ ٻي گروھھ بندي جنم ٿي وٺي ۽ پوءِ محلاتي سازشون جن کي هاڻي  ڊرائنگ روم جي سياست جو نالو ڏنو ويو آهي اها سازش پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ٿي ڪري ۽ داخلي ٽڪراءَ ڪجھھ وقت کان پوءِ خود ادارن جي ساک کي ڪمزور ٿا ڪن نه رڳو ساک ڪمزور ٿي ٿئي پر خود ادارو پنهنجي طاقت جي اندر هڪ وڏي ڪمزوري محسوس ٿو ڪري. ان ڪمزوري کي محسوس ڪندي ڪي فرد اقتداري گروھھ بندي جي راند کان پنهنجو پاڻ کي يا اداري کي پاسيرو رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته عارضي طور تي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪامياب وڃن ٿا پر اقتدار پرستي جي بيماري جا جراثيم مڪمل طور تي ختم نٿا ٿي سگھن ۽ وري اهي طاقتور ٿي ڪنهن ٻئي وجود جو سهارو وٺي ساڳئي گيم جو حصو بڻجندي ۽ سلسلو شروع ٿا ڪري ڏين. هن وقت اهائي صورتحال رهندي ان نهج تي پهچي چڪي آهي جتي هاڻي اقتدار پرستي جي بيماري ڪينسر جي وبا وانگر پوري جسم کي هنڌان هنڌان ڳاريندي نظر پئي اچي.

انهيءَ جو وڏو مثال هاڻي سائفر اسڪينڊل کان پوءِ هر روز وڌندي مختلف صورتن ۾ نظر ٿو اچي جو ڪڏهن سائفر جي گم ٿيڻ جا بيان پيا اچن ڪڏهن سيڪريٽ مواد يعني وزير اعظم آفيس مان به ليڪ ٿيندي هڪ ٻئي جنگ شروع ٿي وئي آهي. آڊيو ليڪس جو سلسلو اڃان به وڌندي نظر ايندو ڇو ته هاڻي هي امڪان وڌيڪ پختا ٿي رهيا آهن ته اقتدار جي جنگ ۾ ڪهڙي ڌر پنهنجي حڪمتِ عملين ۽ طريقن سان رياستي ادارن کي مجبور ڪري پنهنجي طرف ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪري. پهريان معاشي عالمي حالتون اقتدار جي لاءِ راھھ هموار ڪنديون هيون، هاڻي ڪمزورين ۽ سازشن جي اسڪينڊل ليڪيج ۾ ڪهڙي ڌر وڌيڪ طاقتور ٿي بڻجي اهو ڏسڻ باقي آهي. ان سڄي ساري معاملي ۾ جيڪو تصور ڏنو ٿو وڃي ته هاڻي هن ليڪيجز جي بنيادن تي ان ڌر کي سزا ڏياري ويندي جيڪا پوري رياستي ڍانچي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪري يعني رياستي ڍانچو اهو جيڪو اقتداري اسٽيٽسڪو رکي ٿو پر پاڻ کي اهو سمجھھ ۾ نٿو اچي. لڳي اهو ٿو ته مستقبل ۾ جيڪو وڌيڪ بليڪ ميلنگ جو مواد ۽ ليڪيج جو پاور رکي ٿو اهوئي اقتداري حاصلات جي پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو ۽ هي به چٽي طرح سان سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته سياست جي ان عمل ۾ عوام جي طاقت کي استعمال ڪندي اقتدار پرستي جي سازشن کي ڪابه ڌر عوام جي طاقت سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندي. ڀلي عمران خان ڪيترو به عوامي طاقت جي دعويٰ ڪندي بيان بازيون ڏي، هو جلسا ۽ جلوس ته ڪڍي سگھي ٿو پر عوام کي سڌي طرح سان ٽڪراءَ ۾ آڻڻ جي راھھ اختيار نه ڪندو، ڇو ته هو اها ڳالھھ به سمجھي ٿو ته عوام جي طاقت سان اقتدار حاصل ڪرڻ جو مطلب عوام جي فتح ٿيندي آهي ۽ انهيءَ ۾ اقتدار جون من موجيون گروهي مفاد حاصل ڪرڻ نه صرف ڏکيا پر ناممڪن هوندا آهن.هي سلسلو اسان کي هي به ٻڌائي ٿو ته اقتدار پرستي جي نفسيات ڪيتري بي حس ۽ بي رحم هوندي آهي جو هن وقت پورو ملڪ پر سنڌ خاص طور تي بدترين آفتي بحرانن مان گذرندي ھر ڏينهن عوام تڪليفن ۾ تڙپندي لوچي رهيو آهي پر پوري سياست اقتدار جي سازشي گيم ۾ هڪ ٻئي کي مات ڏيڻ جي لاءِ سرگرم آهي. انهيءَ جو انت ڪهڙو ۽ ڪيئن ٿيندو انهيءَ کي سمجھڻ ڏکيو ته ناهي پر اهو عمل يعني عوام جي نجات، عوام جي طاقت سان ئي ممڪن هجي ٿي اهو ڏکيو ضرور آهي.