اقتدار خاطر جاري “سياسي ملاکڙو”

0
26

جي علي ڀاڳت

 9 مئي جي واقعن جي جيتري مذمت ڪجي، اها گھٽ آھي. ڪرپٽ سياستدانن انفرادي مقصدن ۽ ذاتي انا جي خاطر آئين، ايوان، جمھوريت، عدليه جي تقدس کي پائمال ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آھي. ڪرپٽ ڪامورن ۽ دولت جي پوڄاري سياستدانن پنھنجن فرضن کي وساري ملڪ جي قومي خزاني ۽ ادارن کي ائين تباھ ڪيو آھي، جيئن 9 مئي جي سانحي ۾ سرڪاري ۽ عسڪري ملڪيتن کي تباھ و برباد ڪيو ويو.

جيڪڏھن غور ڪجي ته ھٿراڌو مھانگائي جي طوفان صرف غريب ۽ سفيد پوش عوام جي جھڳي کي ڊاھي وڌو آھي، باقي حرام ڪمائيندڙن جي کيسي تي ڪو به بار نه پيو آھي. ھاڻي ته پنھنجي اھنجن جي علاج لاءِ ايترو ته واجھائڻو پوي ٿو جو سمجھ ئي نٿي پوي ته ڪنھن در ڏجي دانھڙي! عوام کي ماني ڳڀي، انصاف ۽ انساني حقن کان محروم ڪيو ويو آھي، جنھن جي ڪري ھر ماڻھو مايوسي جو شڪار ۽ پريشان حال آھي. خودڪشين جو رجحان وڌي ويو آھي. ٻئي پاسي سياست جي دُڪان جا مالڪ ۽ ادارن ۾ ويٺل عوام جي ٽيڪس تي پلجندڙ ڳجھون ملڪ جي خزاني جون ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ھڪ ٻئي سان ونڊ ورڇ ۾ مصروف آھن ۽ عوام کي دوکي وارو سرمو پارائي 75 سالن کان راڄ ۽ ڪاڄ جا مزا ماڻين پيا. سنڌ ۾ ڌاڙيل گردي عروج تي آهي. ڌاڙيل ڳري اسلحي سان ليس ڪچي جا بادشاهه بڻجي روڊن رستن تان مسافرن کي اغوا ڪري يرغمالين جون تذليل واريون وڊيوز سوشل ميڊيا ذريعي وائرل ڪري پنھنجي ظلم ۽ جبر جي سرعام نمائش ڪن پيا پر حڪمران اگھور ننڊ ستل آھن. ادارن ۾ جائز ڪم کي اڪلائڻ لاءِ ڪاموري وٽ ٽائيم ڪونھي. صاحب موصوف ھر وقت ميٽنگ ۾ مصروف، باقي ناجائز ڪم اڪلائڻ لاءِ چوويھ ڪلاڪ خدمت ۾ پيش پيش. بجلي کپائڻ جو ڌنڌو عروج تي ھلي پيو. آفيسرن جا واٺا رات ڏينھن اوڳاڙي ۾ مصروف آهن ۽ بجلي جي چوري جو خسارو ميٽر ھولڊر تي ڊٽيڪشن لڳائي کاتو سڌو ڪري جھڙوڪر مسيت جا ڪک پيا لڳن.

ڇا لکي ڇا لکجي؟ بس گھڻو ٿي چڪو. ھاڻي وس وارن خدا ترس بااختيار ۽ محب وطن واڳ ڌڻين کي گھرجي ته 9 مئي جي سانحي بابت غيرجانبدار جاچ ڪري ملوث مجرمن کان علاوه قومي خزاني کي ٻنھي ھٿن سان لٽيندڙ ڪرپٽ ۽ ملڪ دشمنن کي وائکو ڪري سخت سزا ڏني وڃي. ھاڻي عوام ۽ ملڪ سان غداري کي ٻنجو ڏنو وڃي.