آمريڪا رڳو پاڪستاني جنرلن تي مهربان ڪونه رهيو آهي پر ڪيترا دوکا پڻ ڏنا آهن. اهڙي هڪڙي دوکي جو ذڪر ڪندي اسلم بيگ لکي ٿو ته، “آمريڪين مشرف کي دوکو ڏيندي هي اطلاع ڏنو ته 2005ع ۾ هن تي حملو ڪندڙن جو ماسٽر مائينڊ بيت الله محسود وزيرستان ۾ آهي. جنرل مشرف ٻرندڙ باهه تي تيل وجهي 2005ع ۾ وزيرستان تي فوج ڪشي ڪئي”. (ص 68) جنرل مشرف جيڪو سڄي ملڪ جو بادشاهه بڻيو ويٺو هو، انٽيليجنس ادارا به هن جي ماتحت هئا، پر مشرف تي حملو ڪندڙن جو ماسٽر مائينڊ ڪٿي لڪل آهي، اهو اسان کي 20 هزار ڪلوميٽر پري رهندڙ آمريڪا ٿو ٻڌائي. ان سان گڏ وري اهو ٻڌائڻ ته اهو آپريشن آمريڪين جي غلطي ۽ دوکي جي ڪري ٿيو. مطلب فاٽا ۽ فانا ۾ جيڪي فوجي آپريشن ٿيا، اهي آمريڪا جي ڪوڙ ۽ سازش ڪري ٿيا، جنهن ۾ جنرل مشرف جو ڪو ڏوهه نه هو.
اوڀر پاڪستان (موجوده بنگلاديش) ڇو جدا ٿيو؟ ان جا مکيه سبب ڪهڙا آهن؟ ظاهر آهي جنرل اسلم بيگ جيڪو ان وقت فوج ۾ هڪ آفيسر هو، تنهن ڪري ان تي پنهنجي راءِ ڏيڻ کي صفا اهم ۽ ضروري سمجهي ٿو. پاڻ لکي ٿو ته، “اوڀر پاڪستان جو ذڪر ٿئي ته 16 ڊسمبر 1971ع جو سانحو ڪهڙي طرح وساري سگهجي ٿو. 16 ڊسمبر ڪو اوچتو وارد نه ٿيو هو. پر پاڪستان جي قيام کان وٺي سازشون شروع ٿي ويون هيون….. اوڀر پاڪستان جي آبادي 53 سيڪڙو يعني اهي اڪثريت ۾ هئا. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها جو انهن جي اڪثريت کي تسليم ڪيو وڃي ها ۽ وفاق ۾ انهن کي ان حساب سان نمائندگي ڏني وڃي ها پر ٿيو ان جي ابتڙ. اولهه پاڪستان (موجوده پاڪستان) جي بيوروڪريسي هميشه هن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي”. (ص 76، 77). هتي رٽائرڊ جنرل اسلم بيگ لکي ٿو ته، پاڪستان ۾ جيڪا پروپئگينڊا ڪئي پئي وڃي ته جنرل ايوب خان ۽ جنرل يحييٰ خان اوڀر پاڪستان کي زبردستي الڳ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو، اهو سڀ ڪوڙ آهي ۽ اوڀر پاڪستان کي الڳ ڪرڻ جا ذميوار صرف ئي صرف سول آفيسر آهن”. يعني قدرت الله شهاب جهڙا وغيره. تنهن ڪري هاڻي اسان عوام کي گهرجي ته پاڻ کي رٽائرڊ جنرل جي ڏنل نئين ٿيوري (سازشي ٿيوري نه!) کي اکيون پوري تسليم ڪريون ۽ اسٽيبلشمينٽ جيڪي اوڀر پاڪستان کي الڳ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، تنهن کي درست ڪندي صرف ئي صرف ڪجهه سول آفيسرن کي اهڙي ظلم جو ذميوار سمجهي خاموش ٿي ويهي رهون. رٽائرڊ جنرل اسلم بيگ لکي ٿو ته، “65-1964ع تائين اوڀر پاڪستان ۾ نفرت جا جذبا پيدا نه ٿيا هئا”. (ص 77). جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اوڀر پاڪستان جو عوام جنرل ايوب خان جي مارشل لا، جيڪا 27 آڪٽوبر 1958ع کان لڳي، ان ۾ اهو خوش هو ۽ ان کي ست اٺ سال گذري ويا، پر خاص طور تي بنگالي عوام خوش هو ۽ انهن ۾ نفرت جا جذبا پيدا نه ٿيا هئا. تنهن ڪري جنرل ايوب خان جي دور ۾ وڏي حد تائين اوڀر پاڪستان جو عوام خوش هو. پر ڇا ڪجي سول آفيسرن جي ڪري اوڀر پاڪستان جي عوام ۾ جيڪي نفرت جا جذبا اڀريا، انهن کي جنرل ايوب خان جي 11 سالا مارشل لا جنهن ۾ جنرل ايوب خان اڪيلو اقتدار جو مالڪ هو ۽ جنرل يحييٰ جيڪو پورا ٽي سال ملڪ ۾ ڪاري اڇي جو مالڪ هو، يعني انهن چوڏهن سالن ۾ به اهي ٻئي اوڀر پاڪستان جي عوام ۾ جيڪي نفرت جا جذبا 1964،65ع کانپوءِ پيدا ٿيا يا ان کان اڳ، تن کي ٻئي ‘عظيم سپهه سالار’ گهٽ نه ڪري سگهيا. رڳو اهو ئي نه پر ايوب خان ته 1951ع ۾ پاڪ فوج جو ڪمانڊر انچيف ٿيو، پر ساڳئي وقت بچاءُ ۽ گهرو کاتي جو وفاقي وزير پڻ رهيو، يعني سول ۽ فوجي ٻنهي معاملن ۾ هڪ ئي وقت شامل هو. پر لڳي ائين ٿو ته آگسٽ 1947ع کان ويندي 1951ع تائين انهن چئن سالن ۾ سول آفيسرن جيڪا نفرت اوڀر پاڪستان جي عوام ۾ پيدا ڪئي، ان کي ايندڙ ويهن سالن تائين پاڪستان جي سڀ کان وڏي طاقتور شخصيت ايوب خان ۽ جنرل يحييٰ جهڙا گهٽ نه ڪري سگهيا ۽ نتيجي ۾ ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو.
اسان جي ملڪ جا فوجي سربراهه وڏي فخر سان دعويٰ ڪندا آهن ته اسان جو سياسي معاملن سان واسطو ناهي. پر پنهنجي حياتي جي احوال ۾ اسلم بيگ محسوس نه ٿيندڙ انداز سان لکيو آهي ته اسان سياسي معاملن ۽ فيصلن ۾ شامل هوندا هئاسين. بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت (ياد رهي ته جنهن ۾ محترمه اسلم بيگ کي ‘جمهوريت جو تمغو’ ڏنو هو) ۾ جڏهن بظاهر صدر غلام اسحاق خان ۽ بينظير ۾ اختلاف تيز ٿي ويا. ان وقت صدر اسحاق خان تڏهوڪي آرمي چيف اسلم بيگ کي ڇا چيو، تنهن حوالي سان اسلم بيگ لکي ٿو ته، “1990ع جي شروعات ۾ ئي صدر غلام اسحاق خان ۽ محترمه جي وچ ۾ ڪجهه اختلاف ٻڌڻ ۾ آيا (مطلب سڌي طرح اسلم بيگ کي خبر نه هئي ته صدر اسحاق ۽ وزيراعظم بينظير ۾ ڪي اختلاف ٿي پيا آهن، پر ‘ڪٿان’ ٻڌي ورتو) جنهن جو انڪشاف ان Non paper مان ٿيو، جيڪو صدر مون کي ڏنو، جنهن ۾ وزيراعظم تي ڪيترا الزام لڳايا ويا هئا، جن جو تعلق پاليسي معاملن سان هو. مون ان معاملي کي ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ رکيو ۽ متفقه فيصلو صدر کي ٻڌائي ڇڏيو. فيصلو هي هو ته، صدر کي ان معاملي ۾ احتياط جي ضرورت آهي، موقعو ڏنو وڃي ته وزيراعظم درستگي ڪري ڇڏي. جتي ضرورت هجي هن کي مشورو ڏجي ۽ هن جي فرضن جي ادائيگي ۾ مدد ڪن”. (ص 192) “پر صدر اسحاق ڪجهه وقت کانپوءِ بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي”. هتي رٽائرڊ جنرل اسلم بيگ ٻڌائي ٿو ته ڏسو اسان پنهنجي ڪم کي لڳا پيا هئاسين ۽ صفا غيرجانبدار رهياسين. پر صدر اسحاق اسان کي هڪ پيپر ڏنو، جنهن تي پاليسي معاملن جي حوالي سان بينظير تي الزام هئا. اسان جي ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس متفقه فيصلو ڏنو ته وزيراعظم کي موقعو ڏنو وڃي، پر صدر اسحاق ائين نه ڪيو. ان بيان جي پويان صرف هي مقصد آهي ته اسلم بيگ تي جيڪو الزام هو ته هن بينظير حڪومت کي ختم ڪرايو، اهو غلط ۽ بي بنياد آهي. هتي به اسلم بيگ پنهنجي ڪردار جي صفائي پيش ڪري رهيو آهي ۽ چوي ٿو ته مون بينظير جي حڪومت نه ڪيرائي هئي. 6 آگسٽ 1990ع تي بينظير صاحبه جي حڪومت ختم ڪئي وئي، هن جي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي پويان ڪير هو، تقريبن ڏهن ڏينهن کان پوءِ يعني 15 آگسٽ 1990ع تي بينظير صاحبه پاڻ ان راز کي فاش ڪندي چيو ته، “مون کي ملٽري انٽيليجنس جي دٻاءُ هيٺ غيرآئيني طريقي سان هٽايو ويو”.
پاڪستان ۾ جيڪي نالي ماتر چونڊون ٿينديون آهن، تنهن ۾ فوج جي مداخلت ڪيتري هوندي آهي، تنهن جو هڪ اندازو اسان اسلم بيگ جي هن ڪتاب مان پڻ لڳائي سگهون ٿا، جيڪو هڪ طرح سان اعتراف پڻ آهي. ظاهر آهي اهي سڀ ڳالهيون ڪو عام عسڪري آفيسر نه پر اڳوڻو آرمي چيف لکي رهيو آهي. هو لکي ٿو ته، “2008ع ۾ صدر بش پاڪستان آيو، جڏهن چونڊن جون تياريون جاري هيون. هن مشرف کي شاباس ڏني ته ‘مشرف جي حڪمت عملي تحت پاڪستان ۾ پهريون دفعو جمهوري طريقي سان اقتدار منتقل ٿيڻ جو مرحلو پورو ٿيندو’. مشرف 2002ع وارين چونڊن جهڙيون تياري ڪري رکيون هيون ۽ پر اعتماد هو ته هُو ئي ڪامياب ٿيندو پر جنرل ڪياني (تڏهوڪو آرمي چيف) صاف لفظن ۾ چئي ڇڏيو ته فوج اليڪشن جي معاملي ۾ لاتعلق رهندي. جنهن جي نتيجي ۾ عوام ڪنهن دٻاءُ کانسواءِ پنهنجي مرضي سان ووٽ ڏنا”. (ص 248) هتي اڳوڻو آرمي چيف صاف صاف اعتراف ڪري پيو ته جنرل مشرف 2002ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرائي پنهنجي من پسند ماڻهن ۽ پارٽين کي کٽرايو، ظاهر آهي، تڏهن هُو پاڻ آرمي چيف هو، تنهن ڪري سڄو ادارو به هن جي ماتحت هو. 2008ع ۾ به مشرف کي اميد هئي ته هُو ڌانڌلي ذريعي پنهنجي من پسند ماڻهن ۽ پارٽين کي کٽرائي ويندو. پر جنرل ڪياني جواب ڏئي ڇڏيو. اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿو ته ڪهڙي طرح اهي جنرل چونڊن ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن.