اقتداري عشق ۾ پ پ جي ‘مجبوري’

0
26
اقتداري عشق ۾ پ پ جي ‘مجبوري’

سنڌ نئين ۽ منفرد تاريخ لکي رهي آھي. سنڌ جي وسيلن مان هميشه فيضياب ٿيندڙ حيران ۽ پريشان نظر اچڻ لڳا آھن.  ورهين کان سنڌ جي نالي تي مفادن واري سياست جا اڻ کٽندڙ سلسلا ڏسي مايوسي جي ڪنارن کي چهندڙ سنڌ پرستن جون اميدون وري جاڳي پيون آھن ۽ اهي دعاگو نظر اچي رهيا آھن ته ڌڻي سنڌ جي حقن لاء هن سجاڳي ۽ جاگرتا کي بري نظرن کان بچائي ڪاميابي، ڪامراني سان همڪنار ڪري. اهو گهٽ ۾ گهٽ وفاقي حڪومت کي اندازو نه هيو ته گرين انيشيٽو تحت 6 ڪينالن جي تعمير جو مسئلو ايترو وڌي ويندو .وفاقي حڪومت کي ان جو گمان ان ڪري به شايد نه هيو جو گرين انيشيٽو پروگرام جي نگراني اصل طاقتور ڌريون ڪري رهيون آھن. نه صرف ايترو پر سنڌ جي ڪينالن خلاف تحريڪ جنهن جوڀن ۽ عروج حاصل ڪيو آھي. مامرو ان سطح تائين پهچڻ جو سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي جي قيادت جي وهم گمان ۾ به نه هوندو. شايد تڏهن ته قانوني. آئيني طور تي اختيار نه هجڻ باوجود گرين انيشيٽو منصوبي بابت اجلاس جي صدارت ڪرڻ ۾ صدر آصف زرداري ڪو هرج نه سمجهي ايوان صدر ۾ ان حوالي سان ٿيل اجلاس جي صدارت ڪئي, هاڻي پيپلزپارٽي ڏينهن ۾ ڏھ ڀيرا روز وضاحتون پيش ڪندي  رهي ٿي ته صدر آصف زرداري 6 ڪينالن جي تعمير جي منظوري نه ڏني آھي پر انهن وضاحتن جو سنڌ جي ماڻهن تي ڪو خاص اثر مرتب  ٿيندي نظر نه اچي رهيو آھي ڇو ته گرين انيشيٽو پروگرام بابت صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ اجلاس ٿيڻ هڪ حقيقت آھي جنهن حقيقت جي تصديق حڪمران جماعت مسلم ليگ ن جي پنجاب حڪومت جا وزير به  مسلسل ڪري رهيا آھن اها به حقيقت آھي ته صدر کي ڪينالن جي منظوري ڏيڻ جو قانوني آئيني طور اختيار نه آھي پر سنڌ جي ماڻهن کي غير اهم وٺڻ ۽ طاقتور ڌرين کي راضي ڪرڻ جي سوچ آصف زرداري کان گرين انيشيٽو پروگرام بابت اجلاس جي صدارت ڪرڻ واري وڏي غلطي ڪرائي وڌي. جنهن غلطي سبب پيپلزپارٽي موجوده صورتحال کي منهن ڏئي رهي آھي. قانوني آئيني اختيار نه هجڻ باوجود آصف زرداري ايوان صدر ۾  اجلاس جي صدارت ڇو ڪئي واري سوال جو پيپلزپارٽي وٽ عوام کي مطمئن ڪرڻ جهڙو اڃان تائين جواب نه آھي ۽ هاڻي اهو مامرو وضاحتن واري مرحلي کان تمام گهڻو اڳتي وڌي چڪو آھي، جنهن پيپلزپارٽي کي اهڙي ٻه واٽي تي اچي پهچايو آھي، جتي پيپلزپارٽي لاء اڳيان باھ پويان کاهي واري قائم ٿيل   صورتحال محسوس ٿي رهي آھي ڇو ته گرين انيشيٽو پروگرام پويان ڌريون اڃان تائين ته ان رٿا تان هٿ کڻڻ لاء تيار نه آھن ۽ مسلم ليگ ن به ڪينالن جي منصوبي تان هٿ کڻڻ ۾ پنهنجي سياست شڪست ۽ پنجاب ۾ پارٽي کي نقصان پهچڻ تصور ڪري رهي آھي. اسان جي ملڪ ۾ حڪمرانن جي ضد ۽ انا هٿان وڏا وڏا سانحا ماضي ۾ ٿي چڪا آھن جن جو ازالو ورهين پڄاڻا به نه ٿي سگهيو آھي. ان حوالي سان تمام گهڻا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا جنهن سان ڪالم طويل ٿي ويندو، ان ڪري رڳو ٻه مثال ئي پيش ڪريان ٿو. اها ان وقت جي حڪمرانن جي ضد ۽ انا ئي هئي جو شيخ مجيب کي چونڊون کٽڻ باوجود اقتدار نه ڏنو ويو ۽ ملڪ ٽُٽي ويو. نواب اڪبر بگٽي جو انتهائي جائز ۽ معمولي مطالبو به ان وقت جي آمر حڪمران جي ضد ۽ انا جي نذر ٿي ويو نتيجي ۾ نواب اڪبر بگٽي ماريو ويو ۽ ان کانپوء بلوچستان جنهن بدامني لاقانونيت کي منهن ڏئي رهيو آھي. اها صورتحال سڀني سامهون آھي.

اوهان اگر حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير غور سان ٻڌندا ته اوهان کي محسوس ٿيندو ته  اها بلاول ڀٽو کي به ڪو حتمي فيصلو ڪندي مشڪل حالتون نظر اچي رهيون آھن. بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ ويٺل اختيار ڌڻين کي انڌو گونگو قرار ڏنو ۽ چيو اهي کين ٻڌڻ لاء تيار ناهن. بلاول ڀٽو زرداري اهو به چيو ته، “اسان اوهان جي وزارتن کي لت هڻون ٿا. اسان گهري ڇا رهيا آھيو اسان جا مطالبا اوهان کي مڃڻا پوندا افسوس ته اوهان ڪينالن واري منصوبي کي روڪڻ لاء تيار نه آهيو. اگر اوهان مڃڻ لاء تيار ناهيو ته اسان به پوئتي هٽڻ لاء تيار نه آهيون. هارين جي معاشي قتل واري مامري سان گڏ هجان اهو نٿو ٿي سگهي. شينهن وارا رڳو عوام خون چوسيندا آھن. انهن جي پاليسي هاري دشمن آھي. پاڻي موجود نه آھي پنجويهن سالن کان پاڻي جي کوٽ واري صورتحال آھي. اسان سنڌو تي سمجهوتو نه ڪنداسين. چولستان ۽ ٿرپارڪر آباد ڪرڻ جا ٻيا به طريقا آھن. 6 ڪينالن جو منصوبو واپس ورتو وڃي ته پنجاه سالن جو پلان انهن سان ويهي ٺاهڻ لاء تيار آھيان پر اگر هي اسان سان ڳالهائڻ لاء تيار نه آھن، عوام کي ٻڌڻ لاء تيار نه آھن ته اسان گهڻا مشڪل وقت ڏٺا آھن ۽ ڏسڻ لاء تيار آهيون. فوري طور تي ڪينالن جي منصوبي روڪيو وڃي نه ته پيپلزپارٽي توهان سان گڏ هلي نه سگهندي”. بلاول ڀٽو جو حيدرآباد ۾ ڪيل خطاب دوران لب ۽ لهجو سخت هجڻ باوجود هو ڪو واضح اعلان نه ڪري سگهيو. ان جي تقرير مان لڳي رهيو هو ته هو مطالبن کي تسليم ڪرڻ لاء حڪمرانن کي سمجهڻ لاء وقت ڏئي رهيو آھي. بلاول ڀٽو زرداري کي شايد اهڙي صورتحال ڏسڻي نه پوي ها اگر ڪينالن بابت صدر آصف زرداري اجلاس جي صدارت نه ڪري ها پر چوندا آھن ته پنهنجي هٿ جي وڍئي جو ويڃ نه طبيب پر ڪينالن واري مامري توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ واري منصوبي تي پيپلزپارٽي اڃان به طاقتور ڌرين سان گڏ عوام کي به راضي ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل نظر اچي رهي آھي. اها ڳالھ ان ڪري به ڪري رهيو آھيان جو پيپلزپارٽي اڃان به ان وفاقي حڪومت کي سهارو ڏئي هلائي رهي آھي، جنهن لاء بلاول ڀٽو زرداري چوي ٿو ته اها کيس ٻڌڻ لاء تيار نه آھي. پيپلزپارٽي کي قومي اسيمبلي ۾ مليل سيٽون پنجانوي سيڪڙو سنڌ مان مليل آھن. سنڌ جي مينڊيٽ تي هلندڙ حڪومت اگر سنڌ سڪائڻ جهڙن منصوبن لاء بضد آھي ته پيپلزپارٽي جنهن جي سهاري حڪومت قائم آھي، ان جي اعتراضن باوجود وفاقي حڪومت تڪراري منصوبا تعمير ڪري رهي آھي ته پوء پيپلزپارٽي کي حڪومت مان ڌار ٿيڻ لاء اڃان ڪهڙي شئي جو انتظار آھي؟

ظاهر آھي ته پيپلزپارٽي کي حڪومت ڇڏڻ جي صورت ۾ نتيجن ڀوڳڻ جو خوف آھي، جنهن جو بلاول ڀٽي زرداري حيدرآباد جي تقرير ۾ ذڪر به ڪيو آھي پر ڪينالن واري مامري تي پيپلزپارٽي جي پاليسي کيس موجوده صورتحال ۾ آڻي بيهاريو آھي. اگر پيپلزپارٽي هاڻي حڪومت کان ڌار ٿي ٿي ته اهو امڪان موجود آھي ته پيپلزپارٽي کي سختين کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي. اهو به امڪان موجود آھي ته دير سان حڪومت مان نڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ سبب پيپلزپارٽي کي سختيون سهڻ بعد به سنڌ ۾ سياسي فائدو نه ملي سگهي پر پوء به پيپلزپارٽي عوام اڳيان اهو چئي سگهندي ته سنڌ جي مفادن خلاف فيصلا ڪرڻ تي اسان حڪومت کان ڌار ٿيا سين ۽ سختيون برداشت ڪيون سين پر اگر پيپلزپارٽي ائين نٿي ڪري ۽ مامري کي حالتن تي ڇڏي طاقتور ڌرين کي ڪنهن به ريت راضي رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي مٿان موجود ڪاوڙ ۾ اضافو ٿيندو ۽ پيپلزپارٽي انهي سنڌ صوبي جنهن کي پيپلزپارٽي پنهنجو قلعو تصور ڪندي رهي آھي، ۾ پنهنجي عوامي مقبوليت وڃائي ويهندي. پيپلزپارٽي جهڙي پراڻي پارٽي کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت نه آھي ته جنهن پارٽي جي عوام ۾ مقبوليت نه رهندي آھي ان کي گهڻي وقت تائين ڪا به طاقت سهارا به نه ڏئي سگهندي آھي. هاڻي پيپلزپارٽي تي آھي ته اها عوام سان بيهي ٿي يا طاقتور ڌرين ۽ صدر، سينيٽ چيئرمين، ڊپٽي اسپيڪر، پنجاب، ڪي پي ڪي جي گورنر شپ کي پيارو ڪري ٿي. پيپلزپارٽي جهڙي پارٽي کي اهو به اندازو هجڻ گهرجي ته اگر پيپلزپارٽي کانسواء طاقتور ڌرين وفاقي حڪومت کي قائم رکيو ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ۽ اهو عمل ڪيترو جٽادار ٿي سگهي ٿو. مثال طور اگر پيپلزپارٽي حڪومت کان ڌار ٿي ٿي ته ٻه رستا هوندا يا ته نگران حڪومت جوڙي نئين چونڊ ڪرائي وڃي يا وري موجوده سيٽ اپ کي ڪو رستو ڪڍي جاري رکيو وڃي. موجوده سيٽ اپ کي جاري رکڻ لاء اهو ٿي سگهي ٿو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ڇڏڻ جي صورت ۾ جي يو آء ف کي حڪومت ۾ آندو وڃي ۽ مولانا فضل الرحمان کي اهو ڪجھ ملي وڃي، جنهن بابت هن جي خواهش هجڻ جون ڳالهيون ٿينديون رهيون آھن. جي يو آء جي اچڻ بعد وفاقي حڪومت کي قائم رکڻ لاء ڪجھ ووٽن جي باقي ضرورت هوندي، جيڪي پي ٽي آء جي آزاد ميمبرن کي منحرف ڪرائي پورا ڪرڻ جا امڪان آهن يا وري مخصوص سيٽن تي رڪيل پراڻو فيصلو جاري ڪرائي به اها کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي پر اهو عمل موجوده حڪومت ۽ ان پويان ڌرين کي ڪيترو وائکو ڪندو، ان بابت پيپلزپارٽي کي اندازو هجڻ گهرجي پر چيو وڃي  ٿو ته پيپلزپارٽي حڪومت آخري حد تائين ڇڏڻ جو فيصلو نه ڪندي ۽ سختيون سهڻ واري رستن تي اچڻ جو فيصلو نه ڪندي. ڏسجي ته پيپلزپارٽي ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي پر مسلم ليگ ن جي اختيار ڪيل انداز مان لڳي ٿو ته اها پيپلزپارٽي کي مشڪلاتن جو شڪار ڪرڻ چاهي ٿي.

مسلم ليگ ن ائين ڇو ڪري رهي آھي، اهو ته مسلم ليگ ن کي ئي معلوم هوندو پر اهو هاڻ ڌرين کي اندازو ٿي چڪو آھي ته ڪينالن جي تعمير وارو مامرو هاڻي آسان نه آھي. اهو ممڪن تڏهن ٿيو آھي جڏهن سنڌ ۾ مسلسل احتجاجن بعد خيرپور ۽ سکر ضلعن جي دنگ واري شهر ٻٻرلوء ۾ وڪيل اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ سنڌ واسي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آھن. 18 اپريل کان سنڌ مان پنجاب، ڪي پي ڪي طرف ويندڙ نيشنل هاوي روڊ بند ڪيو ويو آھي. وڪيل اڳواڻ ريلوي لائين به بند ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آھن. ٻٻرلوء وٽ ڌرڻي ۾ عوام جي شرڪت ڏسي حڪومت آخر ڪار انهن ڌرين سان ڳالهائڻ لاء تيار ٿي وئي آھي، جن کي حڪومتي وزير شڪست کاڌل ڌريون چئي رهيا هئا. وزير اعظم جي صلاحڪار راڻا ثناء الله خان ڪينالن خلاف جدوجهد ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سياسي پارٽين مان اياز لطيف پليجو، سيد زين شاه، راشد محمود سومري ۽ سنڌ هاء ڪورٽ بار جي صدر سان فون تي رابطا ڪري ڪينالن واري مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ ۽ ان حوالي سان وزير اعظم سان ملاقات ڪرائڻ جي پيشڪش ڪئي آھي. مونکي ناهي معلوم ته ڪينالن جي تعمير خلاف بنيادي طور تي اهم ڪردار ادا ڪندڙ پير صاحب پاڳاري يا ان جي پارٽي سان رابطو ڪرڻ جون خبرون ڇو سامهون نه آيون آھن. مونکي اهو به معلوم ناهي ته ان مسئلي تي سياست ۾ سرگرم ٿي سامهون ايندڙ جونيئر ذوالفقار ڀٽو سان ڇو رابطو نه ڪيو ويو آھي. ڇا ڪينالن واري مامري تي انهن اڳواڻن خاص طور تي پير صاحب پاگاري ۽ جونيئر ذوالفقار ڀٽو  کي شامل ڪرڻ کانسواء ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ ممڪن آھي؟ ڪو ڀلي مون سان اختلاف ڪري سگهي پر منهنجي نظر ۾ هن وقت انهن ٻنهي کي ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ کانسواء ڳالھ ٺهندي نظر نٿي اچي. جونيئر ڊوالفقار ڀٽو جنهن کي سندس والد جي شهادت بعد بلاول ڀٽو زرداري وانگر سينيئر تجربي ڪار اڳواڻن کان سياسي  سکيا نه ملي سگهي. هن عام ماڻهن وٽ وڃي، وڏي خاندان جو اهم شخص هجڻ باوجود عام ماڻهن وانگر عوام ۾ موجود رهي جيڪا سياسي بالغ نظري حاصل ڪئي آھي، ان جو اظهار ان جي ڪينالن واري جدوجهد دوران سرگرم ٿيڻ سان سامهون آيو آھي. اهو ئي سبب آھي ته سنڌ سوڌو اسلام آباد ۾ به ماڻهو سنڌ جي ايندڙ سياسي منظر نامي ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو  کي سامهون رکي تجزيا ڪرڻ شروع ٿيا آھن، جنهن تي ٻئي دفعي ڌار تفصيل سان لکي سگهجي ٿو پر مونکي وفاقي حڪومت جي ڳالهين جي آسري ڪينالن خلاف تحريڪ به رڪجندي نظر نٿي اچي، ڇو ته ان تحريڪ پويان عام ماڻهو بيٺل آھن ۽ اهو ئي سبب آھي جو جن به اڳواڻن سان حڪومت پاران رابطا ڪيا ويا آھن، انهن به پنهنجو چٽو موقف حڪومت اڳيان رکي ڇڏيو آھي. بلڪل ائين ئي پير پاڳاري ۽  جونيئر ذوالفقار ڀٽو جو موقف به چٽو آھي سنڌ جي سول سوسائٽي , هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو موقف به واضح آھي سنڌ جي انهي منظرن تي ڪيترائي ماڻهو حيران پريشان آھن.

اوهان کي ٻڌايان ته اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪينالن خلاف قرارداد پيش ڪرڻ جي مطالبي بعد پيپلزپارٽي جي اختيار ڪيل انداز تي مان به حيران آھيان. حيران ان ڪري آھيان ته ڪينالن خلاف سينيٽ پيپلزپارٽي جا ميمبر به قرارداد جمع ڪرائي چڪا آھن ته پي ٽي آء، جي يو آء ۽ اي اين پي به گڏيل قرارداد جمع ڪرائي چڪي آھي. اڱاري ڏينهن سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيندي ئي پي ٽي آء جي سينيٽر سيف الله ابڙي سنڌ ۾ ستن ڏينهن کان ڪينالن جي تعمير خلاف هلندڙ ڌرڻي وارو مامرو اٿاريندي پنهنجي قرارداد جو ڊرافٽ لهرائيندي سينيٽ چيئرمين کان قرارداد ايوان ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ته پيپلزپارٽي جا ميمبر پهريان ته سيٽن تي بيهي ڪينال نامنظور جا نعره هڻڻ لڳا پر ٿوري دير بعد پيپلزپارٽي جا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا. سينيٽ چيئرمين جو تعلق پيپلزپارٽي سان آھي. پيپلزپارٽي چاهي ها ته سينيٽ چيئرمين کان اها به پنهنجي قرارداد پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪري پئي سگهي يا پي ٽي آء جي احتجاج شروع ٿيڻ سان پيپلزپارٽي به ايوان ۾ احتجاج ڪندي بيهي مطالبو ڪري ها ته ايوان مان قرارداد پيش ڪرڻ بابت ووٽنگ ڪرائي وڃي ته سينيٽ چيئرمين وٽ ووٽنگ ڪرائڻ کانسواء ڪوبه چارو نه بچي ها ۽ اڪثريت راء جي بنياد تي قرارداد پيش به ٿي وڃي ها ۽ منظور به ٿي پئي سگهي پر پيپلزپارٽي واڪ آئوٽ ڪري هلي وئي. ٿوري دير بعد ن ليگ جا سينيٽر به نڪري هليا ويا پر ڪورم جيترا ميمبر ايوان ۾ موجود هئا. اسان پريس گيلري مان ڏسي رهيا هئاسين ته واڪ آئوٽ ڪري ويل حڪومتي ميمبر اپوزيشن ۾ ويٺل ڪجھ سينيٽرن کي سڏي رهيا هئا، جيئن انهن کي اٿاري ڪورم ٽوڙي اجلاس ملتوي ڪرائي سگهجي. ٿيو به ائين. ڪجھ ميمبر ايوان مان ٻاهر نڪري ويا. ان بعد حڪمران جماعت ن ليگ ڪورم جي نشاندهي ڪئي. ڪورم پورو نه هجڻ ڪري سينيٽ اجلاس جمعي ڏينهن تائين ملتوي ڪرايو ويو. جڏهن پيپلزپارٽي ڪينالن خلاف آھي ۽ قرارداد پيش ڪري چڪي آھي ۽ سينيٽ ۾ ٻين پارٽين کان وڌيڪ سندس ميمبر به آھن. سينيٽ چيئرمين به سندس پارٽي جو آھي، پوء به سينيٽ ۾ قرارداد نه آڻي سگهڻ جو عمل مون لاء ته حيران ڪن آھي پر ان عمل کي پي ٽي آء پيپلزپارٽي جي منافقاڻي سياست قرار ڏنو آھي. پي ٽي آء اهڙا نعرا سينيٽ ۾ ڪينالن خلاف قراداد پيش نه ڪرڻ خلاف هنيل ڌرڻي دوران ايوان اندر هنيا. هاڻي سينيٽ ۾ جمعي ڏينهن ان مامري تي وري دنگل ٿيڻ جو امڪان آھي. ڏسجي ته جمعي ڏينهن سينيٽ ۾ ان حوالي سان ڪهڙا منظر ڏسڻ لاء ملن ٿا.