اسلام آباد(م ڊ) جنگ جي ننڍڙي شهيد ارتضيٰ عباس طوري جي پراڻي وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن تي ماحول سوڳوار ٿي ويو، 6  ۽ 7 مئي وچ واري رات هندستاني حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ارتضيٰ عباس جي پراڻي وڊيو ۾کيس شاعر مشرق علامه اقبال جو شعر پڙهندي ڏٺو ويو، وائرل وڊيو ۾ ننڍڙي شهيد ارتضيٰ کي اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته آئون علامه اقبال جو جنم ڏينهن ملهائي رهيو آهيان.