افواهه انڊسٽريءَ جو عروج ۽ “فِفٿ جنريشن وار”

0
35
“خاص مددگارن” ۽ ترجمانن جي مقرري: حڪومتي ڪارڪردگي سُڌري سگهندي؟

ملڪ ۾ افواهه انڊسٽري سرگرم آهي، ‘فِفٿ جنريشن وار’ برگيڊ کي حُڪومت ناڪيلي وجهي نه سگهي آهي، جنهن ڪري افواهن انتهائي غير يقيني صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ خاص طور تي پي ٽي آءِ جي ڊي چوڪ واري احتجاج جي حوالي سان مارجي ويل ڪارڪنن جا جيڪي انگ اکر پي ٽي آءِ جي اڳواڻن طرفان ظاهر ڪيا پئي ويا، جن جو ڳاڻيٽو سَون ۾ ٻُڌايو پئي ويو، ۽ لاشن سان ڀريل ٽرڪون وصول ٿيڻ جا بيان ڏنا پئي ويا، اُنهن افواهن جو خاتمو پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان جي ان بيان سان ٿي ويو آهي، جنهن چيو آهي ته، ڊي چوڪ تي شهادتن جو تعداد 12 آهي. ان جو مطلب اهو قطعي ڪونهي ته 12 ماڻهن جو حياتين کان محروم ٿيڻ ڪو گهٽ ڏُکوئيندڙ واقعو آهي پر هتي اسان جو مطلب انهن انگن اکرن جي حوالي سان نشاندهي ڪرڻ آهي، جنهن ۾ اهو تعداد سَون ۾ ڄاڻايو پئي ويو.

افواهن جي صنعت ڪنهن به معاشري لاءِ هڪ سنگين چئلينج آهي، خاص طور تي جڏهن اها سماج جي بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچائي ٿي. پاڪستاني سماج ۾ افواهن جي تيزيءَ سان ڦهلجڻ جا ڪيترائي مثال موجود آهن، جيڪي اڪثر ڪري سماجي بيچيني، انتهاپسندي، ۽ سياسي عدم استحڪام کي هٿي وٺرائين ٿا. اڄ جي ڊجيٽل دور ۾، سوشل ميڊيا ۽ ٻيا آن لائن پليٽفارم افواهن جي واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪو به بي بنياد اطلاع يا سازشي نظرئي کي ڪلڪ بيٽ جي نالي ۾ شيئر ڪيو ويندو آهي، جيڪو ماڻهن جي ذهنن ۾ شڪ ۽ بي اعتمادي پيدا ڪري ٿو. اهڙيون افواهون نه رڳو سماجي امن کي متاثر ڪن ٿيون، پر ڪڏهن ڪڏهن جاني ۽ مالي نقصان جو سبب به بڻجن ٿيون. مثال طور، ڪوڙا اطلاع ڪنهن مخصوص فرقن يا گروهن خلاف نفرت کي هوا ڏين ٿا، جنهن جا نتيجا فساد، احتجاج، ۽ ڪڏهن ڪڏهن جانين جي نقصان جي صورت ۾ نڪرندا آهن. انهيءَ صورتحال جو اثر رڳو عام ماڻهن تائين محدود ناهي، بلڪه سياسي مخالفن کي بدنام ڪرڻ لاءِ ٺاهيل ڪوڙن بيانن سان عوام ۾ ادارن خلاف بي اعتمادي وڌي ٿي، جيڪو قومي ترقيءَ لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي. اهڙي صورتحال ۾، ميڊيا، حڪومت، ۽ سول سوسائٽيءَ کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن افواهن جي ڦهلاءَ کي روڪيو وڃي. جيڪڏهن اسان افواهن جي صنعت کي ڪنٽرول نه ڪيو، ته اهو سماجي ۽ قومي سطح تي سنگين نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿو. هڪ باشعور ۽ ذميوار معاشرو ئي ان صورتحال کي منهن ڏئي سگهي ٿو، جيڪو سچائي ۽ انصاف کي ترجيح ڏئي. سماج ۾ افواھن جو ڦھلاءَ ماڻهن جي ذھني ۽ جذباتي حالت تي گھرو اثر وجھي ٿو. ھِي رڳو ڪوڙين ڳالهين جو مجموعو ناھي، پر ان جو مقصد ماڻهن جي اعصابن تي دٻاءُ وجهڻ ۽ سماجي ماحول ۾ بيچيني پيدا ڪرڻ آھي. افواھون نفسياتي ۽ اعصابي جنگ جو اھم اوزار آھن، جيڪي خاص طور تي اھڙين حالتن ۾ استعمال ٿين ٿيون، جتي ماڻھن ۾ خوف ۽ شڪ پيدا ڪرڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو. افواھ، ٻيلي جي باهه وانگر، تيزيءَ سان پکڙجن ٿا. انھن جو مقصد رڳو اڻڄاڻائي مان فائدو وٺي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ ئي نه، پر گڏوگڏ سندن جذبات سان کيڏڻ ۽ ذھني استحڪام کي لوڏي ڇڏڻ به ھوندو آھي.  نفسياتي ۽ اعصابي جنگ ۾ افواھون انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي وڏي تباهي آڻي سگھن ٿيون. سياسي ميدان ۾،  اھي ماڻھن کي ڪوڙن خيالن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ جو ھڪ اوزار بڻجي وڃن ٿيون. افواهون، جيڪي اڻ تصديق ٿيل خبرن تي ٻڌل هونديون آهن، سماج ۾ وڏو انتشار ۽ بدامني پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون. اهي غلط ڄاڻ، اڌ سچائي يا مڪمل ڪُوڙ تي ٻڌل هونديون آهن، جيڪي ماڻهن جي جذبات ۽ رويي کي متاثر ڪنديون. موجوده دور ۾، جتي جديد ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا هر ڪنهن جي پهچ ۾ آهي، افواهون ڦهلائڻ جي رفتار به وڌي وئي آهي.  سوشل ميڊيا پليٽفارمز افواهون ڦهلائڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪيا وڃن ٿا. ڪنهن به اڻ تصديق ٿيل خبر کي سچ ڄاڻائي، شيئر ڪرڻ ۾ ڪجهه سيڪنڊ لڳندا آهن، ۽ اها خبر ڪروڙن ماڻهن تائين پهچي سگهي ٿي. افواهون ماڻهن ۾ ڊپ، خوف ۽ بي اعتمادي پيدا ڪن ٿيون، جيڪا روش سماج جي نفسياتي سڪون لاءِ نقصانڪار آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ايمرجنسي رسپانس نظام جوڙيو وڃي، جيڪو افواهن جي تصديق ڪري ۽ ماڻهن تائين جلد کان جلد سچي ۽ درست ڄاڻ پهچائي. سياسي ڌرين کي به ان حوالي سان ذميواري جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي. “ففٿ جنريشن وار” برگيڊ کي پٽو وجھڻ جي ضرورت آهي.