ڪابل(اسپورٽس نيوز) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ ڀارت جي نوائيڊا اسٽيڊيم بابت ڏنل پنهنجي بيان تان ڦري ويو . پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ ڀارتي بورڊ سان بهتر لاڳاپن لاءِ پنهنجي بيان تي يوٽرن ورتو آهي. افغان بورڊ جي هڪ عملدار نوائيڊا ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ سهولتن جي کوٽ تي بي سي سي آءِ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو هو جڏهن ته هاڻ افغان ڪرڪيٽ بورڊ جا وينيو جي حوالي سان ٻه تڪراري بيان سامهون آيا آهن، جنهن ۾ مستقبل ۾ نوائيڊا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي چونڊ کي رد ڪرڻ واري بيان کي غلط ۽ ڀارتي بورڊ طرفان ٻن وينيوز جي انڪار وارا الزام به واپس ورتا ويا آهن. افغان بورڊ جي آفيشل جو چوڻ هو ته اسان بئنگلورو ۽ ڪانپور جي ڀيٽ ۾ نوائيڊا جي چونڊ ڪئي، لاجسٽڪ سبب اسان لاءِ هي وينيو بهترين آپشن هو.