ڪابل/اسلام آباد(م ڊ) نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهچي ويو جتي هن جون اعليٰ افغان اختيارين سان ملاقاتون ٿيون آهن. انهي موقعي تي گڏيل امن، ترقي جو عهد ڪيو ويو. نائب وزيراعظم پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افغانستان جي وقتي وزيراعظم ملا محمد حسن اخوند سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ سيڪيورٽي، واپار، ٽرانزٽ تعاون ۽ عوامي رابطي کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ٿيون ٻنهي ڌرين مسلسل رابطي جي عزم جو ارادو ڪيو. ملاقات ۾ انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻن پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڏي وٺ جو سلسلو جاري رکيو ويندو. هوڏانهن پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي افغان پرڏيهي وزارت پهچڻ تي افغان پرڏيهي وزير مولوي امير خان متقي سندس استقبال ڪيو. ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ اهم ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ تاريخي رشتن کي وڌيڪ  مضبوط بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ گڏيل امن، ترقي جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ ٻطرفن مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين کي مثبت ماحول ۾ جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. هوائي اڏي تي افغان ڊپٽي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر محمد نعيم وردگ، ڊي جي پرڏيهي وزارت مفتي نور احمد، چيف آف اسٽيٽ پروٽوڪول فيصل جلالي اسحاق ڊار جو استقبال ڪيو. انهي موقعي تي افغانستان ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن سفير عبيدالرحمان نظاماڻي ۽ سفارتخاني جا آفيسر به موجود هئا. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب اسحاق ڊار سان گڏ وفد ۾ گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري ريلوي، پرڏيهي وزارت ۽ ايف بي آر جا سينئر آفيسر به شامل آهن. دوري جي دوران نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، افغان وقتي وزيراعظم ملا محمد حسن اخوند سميت عبوري افغان اختيارين سان اهم ملاقاتون ڪندو.