سينٽ لوشيا (اسپورٽس ڊيسڪ ) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان گذريل سال ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کي ۽ هاڻي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏيندڙ افغانستان کي ايشيا جي ٻي بهترين ٽيم قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ مائيڪل وان چيو ته افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان ۽ سريلنڪا کان گهڻي بهتر آهي. آچر جي ڏينهن آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سپر ايٽ مرحلي جي ميچ ۾ افغانستان آسٽريليا کي 21 رنسن تان شڪست ڏئي تاريخ رقم ڪئي، اِها افغانستان جي آسٽريليا خلاف ڪنهن به فارميٽ ۾ پهرين ڪاميابي هئي. آسٽريليا خالف شاندار ڪاميابي کانپوءِ انگلش ڪپتان مائيڪل وان سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي افغانستان ٽيم واکاڻ ڪندي راشد خان جي ڪپتاني کي به ساراهيو. ايڪس تي هڪ واهپيدار جي ٽوئيٽ تي جواب ڏيندي مائيڪل وان افغانستان کي وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ ايشيا جي ٻي بهترين ٽيم قرار ڏئي ڇڏيو.