لاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر ڊيل اسٽين چيو آهي ته افغان ٽيم ايندڙ ڏهاڪي ۾ پنهنجي غلطين مان سکي هڪ وڏو آءِ سي سي ايونٽ کٽي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيندي. گذريل ڏينهن لاهور ۾ افغانستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ميچ برسات سبب مڪمل نه ٿي سگهي، جنهن بعد ٻنهي ٽيمن کي هڪ، هڪ پوائنٽ ملي. بهتر رن ريٽ سبب آسٽريليا چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته افغان ٽيم جو ٽاپ فور تائين پهچڻ جو سفر وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو. هڪ انٽرويو دوران ڊيل اسٽين چيو ته افغان ٽيم جوش ۽ جذبي سان کيڏي رهي آهي، پر کين پنهنجي غلطين مان سکڻو پوندو. هن چيو ته افغان ٽيم کي شڪست تي ڏکويل ڏسندا آهيو، پر جڏهن هو فتح حاصل ڪندا آهن ته سندن اتحاد ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ڊيل اسٽين جو چوڻ هو ته افغانستان مستقبل ۾ هڪ وڏي ٽيم بڻجي سگهي ٿي، پر افغان رانديگرن کي صبر سکڻو پوندو، ڇو ته هو گهڻو ڪري فتح جي ويجهو اچي آخري لمحن ۾ موقعو وڃائي ويهندا آهن، جنهن سبب نقصان ڀوڳڻو پوي ٿو.