اسلام آباد (م ڊ) نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي جو چوڻ آهي ته افغان عورتن ۽ ڇوڪرين سان ظلم ڪندڙ طالبان خلاف قدم کنيا وڃن، ڪانفرنس ۾ خطاب دوران ان ڳالهه تي ضرور ڳالهائينديس، پاڪستان پهچڻ تي پرڏيهي خابرو ايجنسي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڇوڪرين جي تعليم تي عالمي اڳواڻن جي اهم ڪانفرنس ۾ شرڪت تي خوش آهيان. ملالا جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسڪول ويندڙ ڇوڪرين جي حقن  جي تحفظ به ڳالهه ٿيندي. پنهنجي ملڪ اچڻ مون لاءِ اعزاز آهي.