اسلام آباد( م ڊ ) افغانستان ۾ طالبان جي ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان ( ٽي ٽي پي ) کي ٿيو ۽ ٽي ٽي ٽي پي پاڻ کي ٻيهر کان منظم ڪيو.  رپورٽ موجب، سال 2014ع ۾ ضرب عضب آپريشن جي نتيجي ۾ ٽي ٽي پي کي نقصان پهتو، جنهن کانپوءِ ٽي ٽي پي جا دهشتگرد پاڻ بچائڻ ۽ ٻيهر منظم ٿيڻ لاءِ افغانستان منتقل ٿي ويا. 2021ع ۾ افغانستان جي راڄڌاني ڪابل تي طالبان فتح جو جهنڊو لهرايو، ٽي ٽي پي پهريون گروهه هو جنهن ان فتح جو جشن ڀرپور انداز ۾ ملهايو. طالبان جي حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ ڪابل جي جيل ۾ قيد سوين دهشتگردن کي آزادي ملي، 17 آگسٽ 2021 تي ٽي ٽي پي بيان ۾ افغان طالبان جي ڪابل تي قبضي کي عظيم فتح قرار ڏنو. ٽي ٽي پي ڪمانڊر نور ولي محسود چيو ته هاڻي ٽي ٽي پي طالبان حڪومت جو استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندي، نور ولي محسود طالبان امير هيبت الله اخوانزادا سان وفاداري جو عزم ورجائڻ جو اعلان ڪيو ۽ نور ولي محسود طالبان جي غير مشروط حمايت جاري رکڻ جو اعلان پڻ ڪيو. پاڪستان سمجهي ٿو ته تحريڪ طالبان افغانستان ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان کي پناهه ۽ سندس مالي مدد ڪري رهي آهي. جڏهن ته افغان طالبان جا ڪيترائي فوجي سمجهن ٿا ته انهن جو اڳيون جنگ جو ميدان پاڪستان هوندو.