افغان شهرين کي 31 ڊسمبر تائين اسلام آباد خالي ڪرڻ جو حڪم، گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته 31 ڊسمبر بعد افغان شهري اسلام آباد جي حدن ۾ رهي نه سگهندا، اين او سي کانسواءِ ڪنهن به افغان شهري کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارن کي ٻيهر اسلام آباد اچڻو آهي ته ڀلي شوق پورو ڪن، علي امين گنڊاپور فرار ٿيڻ بعد واويلا ڪري رهيو آهي ته اسلام آباد ۾ سڌيون هلائي 33 لاش اسپتال ۾ پيل آهن، ٻڌايو وڃي ته مارجي ويلن جا لاش ڪهڙي اسپتال ۾ پيل آهن، مارجي ويلن جا نالا ٻڌايا وڃن ؟ وفاقي گهرو زوير محسن نقوي ۽ ڊي جي رينجرز پنجاب ميجر جنرل محمد عاطف بن اڪرم جو پمز جو دورو ڪري زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي.