افغان سفير جي ڌيءَ جي مبينا اغوا جي جاچ کانپوءِ نتيجي جي ويجهي پهچي چڪا آهيون: شاهه محمود قريشي

0
48

ڪراچي(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ جي مبينا اغوا جي جاچ کانپوءِ نتيجي جي ويجهي پهچي چڪا آهيون، ملتان ۾ عيد جي نماز ادائيگي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءُ جي تسلي موجب ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، افغان سفير جي ڌيءَ جن ٽيڪسين ۾ ويٺي ان ڊرائيورز جا بيان رڪارڊ ڪيا، هن چيو آهي ته 700 سئو ڪلاڪن جي فٽيج ج جائزو ورتو ويو ۽ 250 جي ويجهو ماڻهن کان شفاف پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هاڻي اسان نتيجي جي ويجهي پهچي چڪا آهيون، حتمي نتيجي تائين پهچڻ جي لاءِ افغان سفير ۽ ان جي ڌيءَ جو تعان گهربل آهي،هن چيو آهي ته دهشتگردي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ جاسوس نيٽ ورڪ استعمال ٿئي ٿو، ماڻهن جاسوس نيٽ ورڪ کي ڪنهن ٻئي مقصد جي لاءِ استعمال ڪيو، هن چيو آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير جو بيان ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر اچڻ جي مترادف آهي، ڀارت امن جي عالمي ايجنڊه ۾ رڪاوٽ آهي ۽ افغانستان جي زمين استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، پر اسان انهن قوتن کي بي نقاب ڪنداسين جيڪي چين ۽ پاڪستان جا واسطا متثر ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت پنهنجي مفادن خاطر خطي جو امن خراب نه ڪري. هن چيو سڀاڻي چين وڃي رهيو آهيان، اهم اڳواڻن سان ملاقاتو ٿينديون، هن چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي انتظاميه ن ليگ جي وزيراعظم کي جوابده آهي، اپوزيشن جا خدشا سمجهه کان ٻاهر آهي، ڌانڌلي جي خدشن جو اظهار ن ليگ جو آزاد ڪشمير حڪومت تي عدم اعتماد آهي.