پشاور(م ڊ) خيبرپختون خوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي سڏايل تقريب ۾ سندس مهمان افغان طالبان حڪومت جي قونصل جنرل پاڪستان جي قومي تراني جي عزت نه ڪندي احترام ۾ نه بيٺو. اها تقريب پشاور ۾ ٿي هئي جنهن ۾ قومي ترانو وڄايو ويو ته سمورا ماڻهو اٿي بيٺا پر افغان قونصل جنرل محب الله شاڪر ۽ سندس ساٿي ويٺل رهيا. تصوير ۽ وڊيو وائرل ٿيڻ تي گنڊاپور ۽ افغان سفارتڪار تي تنقيد ڪئي وئي. وضاحت ۾ افغان قونصل خاني جو چوڻ آهي ته پاڪستان يا ان جي قومي تراني جي توهين جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، پر جيئن ته تراني ۾ موسيقي هئي ان ڪري قونصل جنرل نه بيٺو، موسيقي نه هجي ها ته هو لازمي بيهي ها ۽ سيني تي هٿ به رکي ها. موسيقي جي ڪري اسان پنهنجي قومي تراني تي به پابندي لڳائي آهي. ٻئي طرف پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ۾ ان عمل کي سفارتي آدابن جي ڀڃڪڙي ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي بي توقيري قرار ڏنو، جنهن تي پاڪستان ۽ ڪابل ۾ افغان عملدارن وٽ باضابطا احتجاج نوٽ ڪرايو آهي.