وانا/راولپنڊي/اسلام آباد(م ڊ) سيڪيورٽي فورسز پاڪ – افغان بارڊر ذريعي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ 30 ڀارتي اسپانسرڊ خارجين کي ماري ڇڏيو، آءِ ايس پي آر موجب پهرين ۽ ٻه جولاءِ جي رات سيڪيورٽي فورسز اتروزيرستان جي علائقي حسن خيل مان خارجين جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو، 30 ڀارتي اسپانسرڊ خارجي ماريا ويا، سندن قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ آيا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته افغانستان جي حڪومت پنهنجي زمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي، هوڏانهن پرڏيهي کاتي چيو آهي ته ڀارت دهشتگردي ۾ ملوث ۽ دهشتگرد افغانستان جي اندر موجود آهن، افغانستان سان لاڳاپن ۾ بنيادي مسئلو ئي دهشتگردي آهي. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪري ٿو.