افغاني گرفتاري مامرو: سرٽيفڪيٽ وٺرائي ڏيندڙ ۽ يو سي سيڪريٽري خلاف ڪيس داخل

0
14
افغاني گرفتاري مامرو: سرٽيفڪيٽ وٺرائي ڏيندڙ ۽ يو سي سيڪريٽري خلاف ڪيس داخل
افغاني گرفتاري مامرو: سرٽيفڪيٽ وٺرائي ڏيندڙ ۽ يو سي سيڪريٽري خلاف ڪيس داخل

ورڪشاپ (رپورٽ: غلام قادر شر) ورڪشاپ ڀرسان هفتو اڳ گجري شهر مان منگلي پوليس ڪارروائي ڪندي غير قانوني طور ترسيل ٻن افغاني ڀائرن احمد نور ۽ سيد نور کي گرفتار ڪري سندن مٿان سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري کين جيل موڪلي ڇڏيو هو، منگلي پوليس هفتي بعد ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد مجبور ٿي افغاني ڀائرن کي يونين ڪائونسل کڏ واري مان جعلي طريقي سان عارضي پيءُ سڏائي پيدائشي سرٽفڪيٽ وٺرائي ڏيندڙ ٻه چڪ واسي رضم پٺاڻ ۽ يو سي کڏ واري جي سيڪريٽري نور بروهي خلاف سرڪاري مدعيت ۾  ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي، منگلي پوليس جو چوڻ آهي ته رضم پٺاڻ ۽ يوسي سيڪريٽري نور بروهي جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو، هوڏانهن اڃا تائين پوليس گجري شهر ۾ ٻنهي افغاني ڀائرن کي ٻن سالن تائين پنهجي جڳھه ڪرائي تي ڏئي رهائيندڙ مقامي وڏيري عبدالوهاب منگواڻو کي جاچ ۾ شامل نه ڪيو آهي، ذريعن موجب علائقي جي مقامي وڏيرن ۽ پوليس جي پٺڀرائي هجڻ سبب ڪيترائي افغاني پٺاڻ علائقي ۾ رسيل آهن، جن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته غيرقانوني رهندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.