ورڪشاپ: افغاني ڀائرن کي ٻن سالن کان پاڻ وٽ رهائيندڙ عبدالوهاب منگواڻو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته افغاني ڀائرن جو والد طور خان پٺاڻ گذريل 25 سالن کان گجري ۾ رهندو هو ۽ ڪجهه مهينا اڳ ئي هتان افغانستان ويو آهي، انهن ڀائرن جي پيدائش به سنڌ جي آهي، سندن پيءُ ڪاٺ جو واپار ڪندو هو، مون جڳھه کين ڪرائي تي ڏني هئي، کيس خبر نه هئي ته هو جعلي طريقي سان شناختي ڪارڊ ٺهرائيندا.