اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وفاقي ڪابينا ٻين ملڪن ۾ منتقلي جي خواھشمند افغانين جي قيام ۾ 29 فيبروري تائين واڌ جي  منظوري ڏئي ڇڏي، نگران زير اطلاعات چيو آھي ته ھن وقت تائين ڪو اھڙو واقعو پيش ناھي آيو جيڪو اليڪشن جي ملتوي ٿيڻ جو سبب بڻجي. نگران ڪابينا ملڪ جي پھرين اسپيس پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي. نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ھيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو،  وفاقي ڪابينا ڀارتي سپريم ڪورٽ جي والاريل ڪشمير جي حوالي سان فيصلي کي غيرقانوني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو. نگران وفاقي ڪابينا آفريڪا پاليسي تحت جمھوريه گيمبيا ۽ پاڪستان جي پرڏيھي وزارت وچ ۾ گڏيل سياسي خيالن تي مفاھمتي ياداشت جي منظوري ڏني آھي. ڪابينا  اختيارن جي ناجائز استعمال تي مئنيجينگ ڊائريڪٽر نيشنل ٽيلي ڪمونيڪيشن ڪارپوريشن جو ڪانٽريڪٽ فوري رد ڪري ڪارروائي جي منظوري ڏني، وفاقي ڪابينا پاڪستان ۾ رھندڙ اھڙن افغانين جيڪي پاڪستان کان افغانستان بدران ڪنهن ٻئي ملڪ وڃڻ چاهين ٿا پر انهن وٽ دستاويز ناهن، انهن جي قيام ۾ 31 ڊسمبر 2023ع کان 29 فيبروري 2024ع تائين واڌ ڪري ڇڏي، مقرر تاريخ کان پوءِ رھندڙ افغانين لاءِ ڏنڊ جي رقم 800 ڊالرن کان گهٽ ڪري 400 ڊالر مقرر ڪئي وئي، هر مهيني 100 ڊالر ڏنڊ لڳندو.سڌسماءِ جي نگران وزير مرتضيٰ سولنگي موجب وفاقي ڪابينا صحت وزارت جي سفارش تي ڊائو ڊينٽل ڪاليج ڪراچي، نارووال ميڊيڪل ڪاليج، لياقت انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ٺٺو، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ابتدائي منظوري لاءِ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کي اماڻڻ جي منظوري ڏني آھي،  وفاقي ڪابينا پاڪستان جي پھرين نيشنل اسپيس پاليسي جي منظوري به ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا بحري مامرن واري وزارت جي سفارش تي ڪورنگي فشريز ھاربر اٿارٽي جي مئنيجينگ ڊائريڪيٽر کي فوري طور تي پنھنجي اداري ۾ واپسي ۽ اداري ۾ سامھون ايندڙ بدانتظامي جي جاچ جي به منظوري ڏني. نئين ايم ڊي جي مقرر تائين ريئر ايڊمرل شاھد احمد، ڊي جي آپريشن قاسم پورٽ اٿارٽي کي اضافي چارج ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي . ڪابينا اي سي سي جي فيصلن جي منظوري ڏني، دوائن جي قيمت ۾ اضافي واري فيصلي کي ملتوي ڪري ڇڏيو. وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان چاھيون ٿا ته فارما انڊسٽري ترقي ڪري قيمتن ۽ دوائن جي معيار جي حوالي سان عوام جو مفاد اھم ھوندو. ڪابينا ڊرگ پاليسي ۾ ترميم لاءِ ايندڙ اجلاس ۾ تفصيلي بريفنگ طلب ڪري ورتي آھي. وفاقي ڪابينا ڪابينا ڪميٽي برائي ليجسليٽوَ ڪيسز جي فيصلن جي منظور ڏني جنھن تحت سائبر ڪرائمز جي تدارڪ، پراسيڪيوشن ۽ فيصلا سازي متعلق نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ۽ ٽيلي ڪام ٽربيبيونل قائم ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالھائيندي وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ھن وقت تائين پاڪستان جي ڪنھن عدالت ۽ آئيني اداري موجوده نگران حڪومت کي غيرقانوني قرار ناھي ڏنو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ دھشتگردي جي واقعن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. هن چيو ته تقريبن ساڍا چار لک غيرقانوني غير ملڪي پنھنجي وطن وڃي واپس وڃي چڪا آھن. جن مان اڪثريت رضاڪارانه طور تي واپس ويندڙن جي آھي. ڪجھه اھڙا ماڻھو ھتي موجود آھن جن جي منزل ڪو ٽيون ملڪ آھي. انھن سان ڳالھيون ھلي رھيون آھن. هن چيو ته ڊيرا اسماعيل خان واقعي جو سختي سان نوٽيس ورتو ويو آھي. وزير اعظم پاڻ ڊيرا اسماعيل خان ويو، اسان ان مامري کي سنجيدا ورتو آھي. اسان عوام کي دھشتگردن کان بچائڻ لاءِ ھر حد تائين وينداسين. ھن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي سيڪيورٽي فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي. ھن چيو ته ھن وقت تائين ڪو اھڙو واقعو پيش ناھي آيو جيڪو اليڪشن جي ملتوي ٿيڻ جو سبب بڻي. اليڪشن ڪميشن پاران ڏنل چونڊن واري تاريخ ۾ ڪنھن به قسم جو اضافو يا ترميم، يا تبديلي ايجنڊا تي ناھي.