حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي باڊي جو دستوري اجلاس پارٽي چيئرمين رياض چانڊيو جي صدارت ھيٺ قاسم آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ مجموعي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران بشير شاھاڻي جي آمريڪا ۾ ٿيل فوتگي تي افسوس جو اظھار ڪندي ھڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته بشير شاھاڻي سنڌ ۽ سنڌين سان محبت ڪندڙ قومپرست اڳواڻ ۽ وطن جو عاشق ھو. اجلاس کي خطاب ڪندي رياض چانڊيو چيو ته افغانين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ حڪومتي قدم اڻپورا آھن. سرڪاري سطح تي ڪا سنجيدگي نظر نٿي اچي، جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي پاران 19 نومبر تي حيدرآباد ۾ گو افغاني گو ريلي ڪڍي مطالبو ورجائينداسين ته سمورا ڌاريان بشمول افغاني ٻاھر ڪڍو، سندن شناختي ڪارڊ پاسپورٽ ۽ پراپرٽيون رد ڪريو ڌاريان قبول ناھن، سرڪار پنھنجي فيصلي تي عمل ڪري.  ھن چيو ته ھن ملڪ قائم ٿيڻ کان اڄ تائين اسٽيبلشمنٽ من پسند سياسي چھرا پنھجي قبضي کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ آڻيندي رھي آھي.  سياستدانن اسٽبلشمنٽ جي اشاري تي سدائين ڪٺ پتلي وانگر نچندا رھندا آھن. نواز شريف عمران خان موجوده وقت جا ٻه زنده مثال آھن. سنڌ سان ھن ملڪ ۾ ناحق آھي، ايوب کھڙي ڄام صادق ۽ آصف زرداري جھڙا بدڪردار سدائين طاقتور قوتن جا ساٿاري ٿي سنڌ جو وجود پٽيندا ۽ کائيندا رھيا آھن. هن چيو ته سنڌ جا سمورا سرڪاري ادارا ڏينھن رات لٽمار پيا ڪن ڪرپشن جو ننگو ناچ جاري آھي ان جو تازو مثال سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا نتيجا آھن جنھن ۾ پئسا وٺي ڀرتيون ڪيون ويون آھن. سنڌ ھاءِ ڪورٽ جا جملي جج ھن واقعي جو نوٽيس وٺي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چئيرمين ۽ ميمرن خلاف ڪيس داخل ڪن. اجلاس ۾ نواز شاهه ڀاڏائي، ممتاز بروھي، پنھل جمالي، اياز سولنگي، جاويد عمراڻي، ذولفقار بليدي، راھول چولياڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.