لاهور (اسپورٽس نيوز ) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جوناٿن ٽروٽ چيو آهي ته کين ڄاڻ نه هئي ته ڇڪو هڻي 38 اوورن ۾ راند مڪمل ڪري سگهون. ميچ کانپوءِپريس ڪانفرنس ڪندي جوناٿن ٽروٽ چيو ته اسان کي 37.1 کانسواءِ ٻي ڪا به ڪلڪيوليشن نه ٻڌائي وئي هئي.افغانستان جي ڪوچ وڌيڪ چيو ته سُپر فور جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿيڻ تي مايوسي ٿي آهي، اسان ٽورنامينٽ ۾ بهتر پرفارم ڪري پئي سگهياسين، اسان تي غلطين تي ڪم ڪرڻو پوندو. افغان بيٽرن سريلنڪا خلاف اهڙي ته بيٽنگ ڪئي جو مداح تمام گهڻو خوش نظر آيا ۽ اهي افغاني ٽِيم جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيا