ڊيره اسماعيل خان(م ڊ) افغانستان ۾ ڊرون حملي دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا جن جو تعلق ڊيره اسماعيل خان جي ضرار گروپ سان هو. افغانستان جي ڏاکڻي صوبي پڪتيڪا جي ضلعي گومل ۾ گاڏي تي هڪ ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا جن مان طالبان گنڊه پور قبيلي جا 5، جڏهن ته محسود قبيلي جا 3 ڄڻا شامل آهن. ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته ڊرون حملي ۾ مارجي ويل سمورن دهشتگردن جو تعلق ضرار گروپ سان هو جيڪي تخريبڪاري جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.