ڪنڌار(م ڊ) افعانستان جي شهر ڪنڌار ۾ خودڪش ڌماڪي جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا مارجي ويا. برطانوي نشرياتي اداري موجب ڌماڪي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. طالبان حڪومت موجب خودڪش ڌماڪو ڪالهه صبح جو 8 وڳي مقامي بينڪ جي سامهون ٿيون. برطانوي اداري موجب ڌماڪي وقت بينڪ جي ٻاهران سرڪاري ملازم پگھارون وٺڻ لاءِ گڏ ٿيل هئا. هيل تائين ڪنهن به گروهه ڌماڪي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.