ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) افغانستان ۽ سريلنڪا جي ٽيمن جي اڪيلي ٽيسٽ ۾ سريلنڪا جي ٽيم جي پوزيشن مضبوط ٿي وئي آهي. ڪالهه ٽئين ڏينهن ميزبان ٽيم 439 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. اينجلو ميٿيوز 141، دنيش چنديمل 107 ۽ دمٿ ڪرونارتني 77 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. افغانسان جي نويد زدران 4، قيس احمد ۽ نجات مسعود ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. ٽيم کي افغانستان جي پهرين اننگ جي مقابلي ۾ 241 رنسن جي برتري حاصل ٿي. پر ٻي اننگ ۾ افغان بيٽرن ذميواراڻي بيٽنگ ڪئي ۽ 75 اوورن جي راند ۾ سريلنڪا جي ٽيم رڳو هڪ وڪيٽ وٺي سگهي. اوپنر ابراهيم زدران ۽ نور علي زدران سينچري پارٽنر شپ ڪئي ۽ 106 رنسن تي نور علي 47 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ٻي وڪيٽ تي ابراهيم ۽ رحمت شاهه 93 رنسن جي ناقابل شڪست ڀائيواري ڪئي ان وچ ۾ ابراهيم پنهنجي سينچري به مڪمل ڪري ورتي. هو 101 رنسن تي ۽ رحمت 46 رنسن تي ناٽ آئوٽ آهي. ميزبان ٽيم جي اسٿا فرنانڊو هڪ وڪيٽ ورتي آهي.