ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي بيٽر محمد يوسف جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ لاڳيتو ٽن شڪستن بعد هن مشڪل وقت ۾ اسان ۽ پوري قوم ڪپتان بابر اعظم سان گڏ آهيون. مون پريس ڪانفرنس ڪافي غور سان ڏٺي، بابر اعظم تمام گهڻو پريشان لڳي رهيو هيو، ٻڌو آهي، هو رنو به آهي، اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته ٽيم ميچ ڪڏهن به ڪنهن هڪ ماڻهو سبب ناهي هارائيندي، پوري ٽيم هوندي آهي ۽ ڪوچنگ اسٽاف هوندو آهي، جيڪڏهن اسان ٽيم ۾ هجون ها ته ذميدار اسان به هجون ها. محمد يوسف وڌيڪ چيو ته کٽڻ هارائڻ راند جو حصو آهي، اسان سڀني کي سندس ساٿ ڏيڻ گهرجي، بابر کي ڏسي مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو.