پشاور (م ڊ) ڪي پي حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف چيو آهي ته افغانستان سان خراب لاڳاپن جو اثر ڪي پي سميت سڄي ملڪ تي پئجي رهيو آهي، دهشتگردي خلاف صوبي جي مدد نه ڪرڻ وفاقي حڪومت جي بي حسي جي انتها آهي، وفاقي حڪومت ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جو رڳو تماشو ڏسي رهي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته جعلي حڪومت جي ملڪ ۾ بيڊ گورننس دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ جو سبب بڻجي رهي آهي، گورننس گيپ جو بيان جعلي وفاقي حڪومت جي منهن تي زوردار چماٽ آهي، وفاق ڪي پي جا فنڊ روڪي صوبي ۾ به بيڊ گورننس کي هٿي ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي.