نئون ديرو(ن پ ا) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪري شهيد امڙ کي خراج عقيدت پيش ڪيو جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان جي ٻين مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي پ پ لاڙڪاڻي ڊويزن جو صدر اعجاز جکراڻي، اڳوڻو صوبائي وزير سهيل انور سيال، ايم اين اي خورشيد جوڻيجو موجود هئا. هوڏانهن پ پ چيئرمين جي ڳڙهي خدابخش ڀٽو آمد کان اڳ مزار کي عام ماڻهن کان خالي ڪرايو ويو ۽ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. بلاول ڀٽو زرداري شهيد قائدين جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد سکر روانو ٿي ويو. جڏهن ته ان کان اڳ نئون ديرو هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران افغانستان ۾ زلزلي جي تباهه ڪارين تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته افغانستان ۾ زلزلي سبب سوين قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن جنهن جو صدمو آهي. پاڪستاني عوام مشڪل وقت ۾ افغان ڀائرن سان گڏ آهي. زلزلي متاثر افغان عوام جي انساني بنيادن تي مدد لاءِ عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هوڏانهن پ پ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻو اسراڻ هائوس پهچي پيپلز پارٽي ايم پي اي گهنور اسراڻ سان سندس والد ڊاڪٽر غلام شهيد اسراڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪري ڊاڪٽر غلام شهيد اسراڻ جي بلند درجات لاءِ فاتح خواني پڻ ڪئي.