اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته افغان حڪومت دوحا معاهدي ۾ پنهنجي سر زمين ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، اميد آهي ته افغان حڪومت پنهنجي واعدي جي پاسداري ڪندي، پريس ڪانفرنس دوران هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير گذريل ڏينهن ٻڌايو هو ته ٽي ٽي پي جو حملو افغانستان ڏانهن ئي ٿيو، اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته حملي ۾ افغان ماڻهو به ملوث هئا يا صرف ٽي پي پي جا ماڻهو هئا.