ڪابل (م ڊ) افغانستان بابت عالمي بينڪ جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. عالمي بينڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان جي ڪرنسي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ مضبوط ٿي آهي. پنهنجي رپورٽ ۾ عالمي بينڪ چيو آهي ته افغانستان ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 9 سيڪڙو مهانگائي گھٽ ٿي آهي، جڏهن ته افغانستان ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن  12 سيڪڙو گھٽتائي ڏٺي وئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ مهانگائي ۾ لاٿ جو سبب گھرج جي گھٽتائي ۽ رسد ۾ اضافو آهي.