لنڊن(اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي، بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آءِ)، انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) ۽ ڪرڪيٽ آسٽريليا (سي اي) افغانستان جي ملڪ بدر ٿيل عورت ڪرڪيٽرن لاءِ آءِ سي سي جي سپورٽ پلان کي فنڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته آءِ سي سي سالياني ادائيگين ۾ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ کان ڪو به پئسو نه وٺندو. آءِ سي سي جي ترجمان فيصلي جي تصديق ڪندي ڪرڪ انفو کي ٻڌايو ته اهو فيصلو افغانستان جي ملڪ بدر ٿيل عورت ڪرڪيٽرن جي ڪوچنگ ۽ مينٽرشپ سميت معاملن ۾ مدد لاءِ ڪيو ويو آهي، ۽ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ کي آءِ سي سي جي حصي جو پورو حصو ملندو. اهو ياد رکڻ گهرجي ته افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ واحد مڪمل ميمبر بورڊ آهي جنهن جي عورتن جي ٽيم ميدان تي مقابلو نه ڪندي آهي، ڇاڪاڻ ته 2021 ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ افغانستان ۾ عورتن تي سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون هيون.