ڪراچي: افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ هٿياربندن اڳوڻي عورت اسيمبلي ميمبر مرسل نبي زاده کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي
افغان عملدارن موجب فائرنگ اڳوڻي عورت اسيمبلي ميمبر جي گهر تي ڪئي وئي، فائرنگ ۾ اڳوڻي افغان عورت اسيمبلي ميمبر مرسل نبي زاده مارجي وئي آهي
Mursal Nabizadeh, the former people’s representative in the Afghan parliament apparently killed last night in Kabul by the Taliban.This is initial information on social media.She was very critical of Taliban and their policies. pic.twitter.com/sbJxdUuPUn
— Soviet -Afghan Wars Samurai 1980 (@Samurai19801) January 15, 2023
افغانستان جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اڳوڻي اسيمبلي ميمبر جو گارڊ به مارجي ويو ۽ مرسل نبي زاده جو ڀاءُ زخمي ٿي پيو
افغان عملدارن موجب اڳوڻي عورت اسيمبلي ميمبر جي گهر تي فائرنگ گذريل رات ڪئي وئي، فائرنگ وااقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي
هي به پڙهندا