لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) چيمپئنز ٽرافي جي اهم ميچ ۾ افغانستان انگلينڊ کي 8 رنسن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي، پهرين کيڏندي افغانستان جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 325 رنسون ٺاهيون، افغانستان طرفان ابراهيم زدران 177، عظمت الله عمر زئي 41، جڏهن ته هشمت الله شاهدي ۽ محمد نبي 40، 40 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، انگلينڊ طرفان جوفرا آرچر 3، ليم لونگسٽن 2، جڏهن ته جيمي اوورٽن ۽ عادل رشيد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، جواب ۾ انگلينڊ جي پوري ٽيم 50هين اوور ۾ 317 رنسن تي ڍير ٿي وئي، انگلينڊ طرفان جوءِ روٽ 120، بين ڊڪيٽ 38، جيمي اوورٽن 32 ۽ هيري بروڪ 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، افغانستان طرفان عظمت الله عمر زئي 5، محمد نبي 2، جڏهن ته فضل حق فاروقي، راشد خان ۽ گلبدين نائب هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، بهترين راند جو مظاهرو ڪرڻ تي ابراهيم زدران کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، اهڙيءَ طرح انگلينڊ جو چيمپئنز ٽرافيءَ ۾ سفر پڄاڻيءَ تي پهتو، هاڻ افغانستان پنهنجي آخري رائونڊ ميچ آسٽريليا خلاف کيڏندو، جنهن ۾ ڪاميابيءَ جي صورت ۾ سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري سگهي ٿو.