خيرپورناٿن شاهه/ٽنڊو آدم (نمائندن وٽان) ٽنڊو آدم ۾ قتل ٿيل ڪي اين شاهه جي ڳوٺ ڪريم داد لنڊ جي رهواسي نجي بئنڪ جي ملازم قومي ڪارڪن محمد افضل لنڊ جي قاتلن جا سي سي ٽي وي فوٽيجز ٽنڊو آدم پوليس پاران هٿ ڪرڻ باوجود قاتلن کي گرفتار ڪري ناهي سگهي نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو. مقتول جي والد عبدالنبي لنڊ ٽنڊو آدم پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته ٽنڊو آدم پوليس کي سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ آيا آهن، منهنجي پٽ جي موبائل به انهن وٽ آهي جنهن نمبر تي ڪال ڪري پٽ کي گهرايو ويو ان نمبر جي به پوليس جاچ ناهي ڪري سگهي هن وقت تائين ايس ايس پي سانگهڙ اسان سان رابطو ناهي ڪيو هن چيو ته پوليس منهنجي پٽ جو اسان جي اچڻ کان اڳ پوسٽ مارٽم ڪرائي ڇڏيو جنهن وڌيڪ شڪ شعبا پيدا ڪري ڇڏيا آهن هن وقت تائين پوليس جي جاچ زيرو آهي اسان تڏو کڻي پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاء مجبور ٿي احتجاج ڪندا سين ، مقتول افضل لنڊ جو ٽيجهو اڄ ڳوٺ ڪريم داد لنڊ ۾ ٿيندو.
خيرپور ناٿن شاهه: قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افضل لنڊ کي ڄاڻي واڻي نشاندهي ڪري قتل ڪيو ويو.ٽنڊو آدم پوليس غفلت ۽ لاپرواهي ڇڏي شهيد افضل جا حقيقي قاتل گرفتار ڪري شهيد افضل لنڊ جي قتل تي سڄي سنڌ سوڳ ۾ آهي پوليس قاتل گرفتار نه ڪيا ته سخت احتجاج ڪندا سين. ٻئي طرف جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي ، جسقم آريسر گروپ چيئرمين اسلم خيرپوري، سرمد ميراڻي ، جسم چيئرمين رياض چانڊيو، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري آزاد انور ڪانڌڙو، سينئر صحافي ارشاد کوسو، جساف جو مرڪزي صدر اسد سنڌيار ، جسقم مرڪزي نائب صدر امجد مهيسر ،انعام سنڌي، اڳوڻو ايم اين اي عمران ظفر لغاري سميت ٻين واپارين، اديبن، شاعرن، صحافين، معزز شخصيتن سميت وڏي انگ ۾ قومي ڪارڪنن تڏي تي پهچي پوئيرن سان تعزيت ڪئي.