اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي  ۾ وفاقي وزير اياز صادق اسپيڪر کان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران  ملڪ جا ٽي ٽڪر ٿيڻ ۽ فوج خلاف بيان ڏيڻ تي ڪارروائي لاءِ حڪومت کي خط لکڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو تفصيل موجب ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس مقرر وقت کان هڪ ڪلاڪ 6 منٽ دير سان اسپيڪر راجا پرويز  اشرف جي صدارت ۾ شروع ٿيو، وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو ته افسوس آهي ته صدر پاڻ کي جمهوري انسان سمجهندو هو، گڏيل پارليامينٽ اليڪشن ايڪٽ واري بل کي منظور ڪيو پر هن صحيح ڪرڻ بنا واپس موڪليو، صدر جو اهو طريقو درست ناهي، پاڪستان جي آئين سان کيڏڻ جي ڪوشش نه ڪري، هو صدر پاڪستان آهي، پي ٽي آءِ جو صدر ناهي، هن اسپيڪر کان مطالبو ڪندي چيو ته عمران خان پاڪستان جا 3 ٽڪرا ٿيڻ ۽ فوج خلاف تقرير ڪئي هئي ان تي عمران خلاف ڪارروائي لاءِ اسپيڪر حڪومت کي خط لکي، ق ليگ جي قومي اسيمبلي ميمبر حسين الاهي چيو ته پيٽرول ايترو مهانگو ٿيو آهي هاڻي مهانگائي مارچ ڪرڻ وارن کي شرم ڇو نه ٿو اچي، بجيٽ تي بحث ڇا ڪيون، هنن جي وس ۾ ڇا آهي، هتي آءِ ايم ايف جا نمائندا ويهاريو ته بحث ڪيون، فيصلو عوام عمران خان جي حق ۾ ڪندو، طاهره بخاري چيو ته پاڪستان خلاف اڳوڻو وزيراعظم عمران خان سازش ڪري رهيو آهي، ان فساد کي چٿيو نه ويو ته پاڪستان کي نقصان ٿيندو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبر نواب شير وسير چيو ته سنڌ ۾ فصل پاڻي جي کوٽ ڪري متاثر ٿيا ۽ پنجاب ۾ڀاڻ نه ملڻ ڪري فصل متاثر ٿي رهيا آهن.