ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پابندي وارن ڏينهن ۾ مڇي نه مارڻ، فشريز هاربر کي عالمي معيار ۽ ضابطن موجب هلائڻ،  پاڪستان جي مڇي عالمي مارڪيٽ ۾ پهچائڻ سميت 9 ايجنڊائنجي  منظوري، ان ڏس ۾ صوبائي وزير عبدالباري پتافي جي صدارت هيٺ ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ چيو ويو ته  پابندي واري ڏينهن ۾ مڇيءَ جو شڪار نه ڪيو وڃي ته جيئن بريڊنگ سيزن دوران مڇيءَ جي نسل کي وڌائي سگهجي. صوبائي وزير چيو ته اهو به ڏسڻو آهي ته ٻيڙين ۾ مانيٽرنگ سسٽم جي مخالفت ڇو ٿي رهي آهي؟ جڏهن ته لکين روپين جون ٻيڙيون رکي سگهجن ٿيون ته ان ۾ مانيٽرنگ سسٽم لڳائڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟ هن چيو ته هاربر جي پلاٽن جي ليز جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي، جڏهن ته ليز جي شرح تي نظرثاني ڪئي وڃي.