ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ پي ٽي آٰءَ جي هڪ وڌيڪ وڪيٽ ڪِري پئي، افتخار لنڊ پاران پي ٽي آءِ گهوٽڪي جي ضلعي صدارت ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو امڪان ، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب پي ٽي آءِ گهوٽڪي ضلعي جي صدر افتخار لنڊ پاران صدارت ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان افتخار لنڊ جو چوڻ آهي ته عام چونڊن ۾ حصو وٺندس پر سياسي طور لائحه عمل جو اعلان جلد ڪندس، هن چيو ته عمران خان سان گذاريل 11 سالن جو سياسي سفر زندگي جو ڏکيو سفر هو، هينئر عمري جي ادائگي لاءِ سعودي وڃان پيو. واپسي تي اعلان ڪندس،